هاءِ ڪورٽ جي دستوري، نگراني ۽ ديواني بنيادي اصلي حد :
هاءِ ڪورٽ کي دستور هيٺ ڪشادي ۽ موئثر حد آهي بشرط آئين ۽ قانون جتي ٻيو ڪو بـ پورو تدارڪ مهيا ٿيل نـ آهي، هاءِ ڪورٽ انهيٰ آئين جي منجھ هڪ حڪم جاري ڪري.
- باز رهڻ جي هدايت ڪري سگھي ٿي تـ جنهن ڪم ڪرڻ جي اجازت نـ آهي اهو نـ ڪري ۽ جيڪو ڪم گھربل آهي اهو ڪم سر انجام ڏي ان شخص کي جيڪو وفاقي، صوبائي يا مڪامي ڪم سر انجام ڏيڻ ۾ اختيار رکندو هجي ۽ اهو هن عدالت جي علاقائي حد اندر هجي.
- ظاهر يا اعلان ڪري سگھي ٿي تـ غير موئثر يا بغير ڪنهن قانوني اختيار جي ان ڪم يا ڪاروائي جي باري ۾ ان شخص کي جيڪو وفاقي، صوبائي يا مڪامي ڪم سر انجام ڏيڻ ۽ هو هن عدالت جي علاقائي حد اندر هجي
- هدايت ڏئي سگھي ٿي تـ جيڪو شخص هن عدالت جي حد اندر ڪسٽڊي ۾ آهي تـ هن عدالت جي روبرو پيش ڪيو وڃي ۽ عدالت مطمئن ٿئي تـ هو غير قانوني طريقي يا غير قانوني اختيار هيٺ ڪسٽڊي ۾ نـ آهي
- ان شخص کي شوڪاز نوٽس ڏئي ڪري پچي سگھي ٿي تـ ڪهڙي قانون جي اختيار هيٺ سرڪاري آفيس رکي ٿو جيڪا هن عدالت جي علاقائي حد اندر اچي ٿي.
وڌيڪ، هاءِ ڪورٽ ڪنهن بـ ماڻهوٰ کي يا اداري کي ان سان ڳڏوڳڏ ڪنهن بـ حڪومت کي ڪوبـ اختيار يا ڪو ڪم انجام ڏئي ٿي يا دستور ۾ ڏنل بنيادي حقن جي تعميل لاءِ عدالت علائقي جي حد اندر مناسب حڪم ڪري سگھي ٿي.
نگراني حد
هاءِ ڪورٽ ٻن قسمن جي نگراني حد جو استعمال ڪري سگھي ٿي يعني عدالتي ۽ انتظامي. هاءِ ڪورٽ سڀني ماتحت عدالتن تي ڪنٽرول ڪري ٿي. هاءِ ڪورٽ ماتحت عدالتن جي عدالتي حڪمن ۽ فيصلن جي خلاف اپيلون، نظر ثانيون ٻڌندي آهي. جڏهن تـ هاءِ ڪورٽ جي نگراني ۽ انتظامي اختيار کان علاوه آهن.
- ماتحت عدالتن جي معياري ۽ روز مرهه جي ڪمن جي نگراني ڪري ٿي.
- ماتحت عدالتن لاءِ عدالتي آفيسر ڀرتي ۽ پوسٽ ڪري ٿي.
- ماتحت عدالتن جي موئثر ڪم لاءِ معياري طريقيقار ۽ عمل لاءِ قانون ٺاهي ٿي.
- ماتحت سول ۽ فوجداري عدالتن جي نگراني ڪرڻ لاءِ عام هدايتون جاري ڪري ٿي.
- محڪمـ جاتي انضباتي ڪاروائي.
- سالياني ڪارڪردگي رپورٽ.
- عدالتي آفيسرن جي خلاف شڪايتون.
اصل ديواڻي حد
هاءِ ڪورٽ سنڌ جي مرڪزي بينچ، انهن تمام ديواني ڪيسز ۾ اصل ديواڻي دائره اختيار رکي ٿي جنهن ۾ ڪمپني ۽ ايڊمرلٽي ڪيسز وغيره شامل آهن. جنهن ۾ 1.5 ڪروڙ کان وڌيڪ دعوه ڪئي وئي هجي جڏهن تـ بينڪنگ ڪيسز ۾ انهن جي حد 5 ڪروڙ کان وڌيڪ آهي.