محترم جسٽس رحمت حسين جعفري
پاڻ 02.11.1945 تي لاڙڪاڻي سنڌ ۾ ڄاتل سڃاتل جعفري خاندان ۾ پيدا ٿيا. بنيادي تعليم لاڙڪاڻي مان حاصل ڪيائون. بعد ۾ پاڻ لاڙڪاڻي جي گورنمينٽ ڪاليج مان بي.اَي جي ڊگري حاصل ڪيائون ۽ بعد ۾ ايل.ايل.بي ڊگري ايس.ايم لاءِ ڪاليج ڪراچي مان حاصل ڪيائون ۽ لاڙڪاڻي بار ايسوسئيشن ۾ وڪيل مقرر ٿيا. پنهنجي والد محترم فقير محمد جعفري جي قابل رهنمائي هيٺيان ڪم جي شروعات ڪيائون جيڪي ورهاڱي کان اڳ ۾ کان وٺي 1965 تائين ضلعي لاڙڪاڻي جا پبلڪ پروسيڪيوٽر هئا ۽ بعد ۾ جن رٽائرميٽ ورتي ۽ وڪالت شروع ڪيائون. پاڻ 1972 ۾ سول جَج ۽ فرسٽ ڪلاس ميجسٽريٽ مقرر ٿيا. 1974 ۾ پاڻ محترم جسٽس زيڊ.اَي. چنا جي نياڻي سان شادي ڪئي. جيڪي ايمانداري، زهانت ۽ سخت محنتي جَج طور مشهور هئا ۽ منسٽري آف لاءَ ۽ جسٽس جا سيڪريٽري پڻ رهي چڪا ۽ اسلام آباد ۾ انساني حقن جا وزارت جا سيڪريٽري پڻ رهي چڪا آهن بعد ۾ سندن ترقيءَ ٿي ۽ پاڻ سينئر سول جج ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ جَج ۽ پوءِ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جَج مقرر ٿيا. پاڻ ساڳي تقررين تي سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن اندر ڪم ڪيائون ۽ بعد ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جا رجسٽرار مقرر ٿيا. پاڻ وفاقي شريعت اڪيدمي ۾ ڪم ڪيائون ۽ جتان سرٽيفيڪٽ پڻ حاصل ڪيائون. پاڻ جوڊيشري کي ايگزيڪيوٽو پوسٽ کان الڳ ڪرڻ تي ڪم ڪيائون ۽ جڏهن پاڻ 1992 کان 1995 تائين حيدرآباد جا ڊسٽرڪٽ۽ سيشن جج هئا تڏهن مختيارڪاري کي ايگزيڪيوٽو پوسٽ کان ڌار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا. 07.05.1999 تي پاڻ ايڊمنسٽريٽو جج اينٽي ٽيررزم ڪورٽ ڪراچي ڊويزن مقرر ٿيا، اڪائونٽيبلٽي ڪورٽ سنڌ ڪراچي مقرر ٿيا. پنهنجي وقت ۾ پاڻ ڪيترن ئي خاص مقدمن جا فيصلا ڏنائون ۽ ڪيترن ئي قانوني سوالن جا جواب پڻ پيش ڪيائون، جنهن مان هڪ سڀ کان عام ۽ مشهور مقدمو جهاز کي اغوا ڪرڻ وارو هو. جيڪو اڳوڻي وزيرِ اعظم پاڪستان ميان محمد نواز شريف ۽ سندن ٻي چيف منسٽر جي خلاف هو. جن مان هڪ پنجاب ۽ هڪ سنڌ جو چيف منسٽر هو ۽ چار ٻيا اعليٰ سطح آفيسرز پڻ هئا. مقدمي جي پڇاڳاڇا بالڪل غيرجانداري هئي. تمام سُٺي ريت ۽ بهترين طريقي سان ڪئي وئي هئي، جو نه صرف هن ملڪ جي بلڪ دنيا اندر انکي اراهي ملي. مقدمي جص آزمائش دوارا نٻاهرين ملڪ جي سفارتڪار، صحافي، ميڊيا، حڪومت جا اعليٰ سطحي آفيسر، اڳوڻا گورنر، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا وزير، سينيٽرز ۽ ايم.ايف.ايز پڻ شرڪت ڪئي. پاڻ 27.08.2002 تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي عارضي جج طور ترقي ماڻي ۽ 27.08.2003 تي پاڻ پڪا/مستقل جج مقرر ٿيا. 07.09.2009 تي پاڻ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان اندر جج طور ترقي ماڻيائون |