محترم جسٽس زوار حسين جعفري
نالو: |
---|
زوار حسين جعفري |
والد جو نالو: |
سيد اڪرام حسين جعفري |
ڄم جي تاريخ: |
24-04-1945 |
ڊوميسائل: |
خيرپور ميرس |
تعليمي قابليت: |
|
ماتحت عدالت اندر تقرري |
18-11-1970 |
عدالتِ عاليه اندر وڪيل طور تقرري |
19-09-1979 صوبائي رول جي سيريل نمبر 28، ضلعي خيرپور ۾ عدالتِ اعليٰ اندر وڪيل طور تقرري |
29 سيپٽمبر 1993 ۾ پاڻ عدالتِ عظميٰ ۾ وڪيل طور مقرر ٿيا، رول جي سيريل نمبر 1949 تي. |
ايسوسيئيشن جو نالو |
ضلعي بار خيرپور، هاءِ ڪورٽ بار سکر |
بار ڪائونسل جو نالو: |
سنڌ بار ڪائونسل |
بار ڪائونسل جو نالو: |
پاڻ 1980 ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايڊووڪيٽ جنرل جي پينل تي رياست طرفان مقرر ٿيا، جنهن کان بعد ۾ پاڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي بينچ سکر ۾ رياست جي مقدمن جي نمائندگي ڪندا رهيا ۽ بعد ۾ پاڻ اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ڀرتي ٿيا، 25 جولاءِ 1983 ۾. ان جاءِ تي پاڻ سکر ۽ ڪراچيءَ ۾ ڪم ڪيائون. اِن دوران پاڻ ڪيترن ئي ڪانسٽيٽوشن پٽيشن، ڪرمنل ڪيسز، ريونيو ۽ ليبر جا مقدما وڙهيائون جيڪي مختلف لاءَ جرنلن شايع پڻ ٿيا. 1983 کان، پاڻ حڪومت سنڌ طرفان هزارن مقدمن اندر پيش ٿيا جيڪي ڪراچي ۽ سکر ۾ لاءَ جرنل اندر شايع نه ٿي سگهيا. پاڻ عدالتِ عظميٰ اندر پڻ رياست جي نمائندگي ڪيائون جڏهن کان پاڻ عدالتِ عظميٰ جا وڪيل مقرر ٿيا. پاڻ 14-12-1996 تي ترقيءَ ڪري ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ مقرر ٿيا جتي پاڻ هاءِ ڪورٽ ۾ جج مقرر ٿيڻ تائين فائز رهيا ۽ 10 آڪٽوبر 2000 تي پاڻ ترقيءَ ڪري سنڌ هاءِ ڪورٽ جا جج مقرر ٿيا |