سنڌ هاءِ ڪورٽ (سنڌي بيٽا ورزن): هن ويب سائيٽ کي بهتر ڪرڻ لاءِ پنهنجي مثبت تجويزن سان اسان جي رهنمائي ۽ حوصلا افزائي ڪندا [email protected]



معزز جَج

Justice_Zahid_Kurban_Alvi

محترم جسٽس زاهد قربان علوي

محترم جسٽس زاهد قربان علوي 21 آگسٽ 1941 ۾ ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيا. ميٽرڪ جو امتحان سينٽ پيئٽرڪ اسڪول مان پاس ڪيائون ۽ انٽرميڊئيٽ جو امتحان سينٽ پيئٽرڪ ڪاليج مان پاس ڪيائون، يونيورسٽي آف سنڌ مان گريجوئيشن ڪيائون ۽ گڏوگڏ قانون ۾ بيچلر ڊگري پڻ حاصل ڪيائون بعد ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان بين الاقوامي تعلقات اندر ماسٽر ڪيائون. پاڻ ڪيتريون ئي ننڍيون ڪهاڻيون ۽ مضمون لکي اسڪول ۽ ٻين ادارن لاءِ رسالا پڻ شايع ڪرايائون. پاڻ سينٽ پيئٽرڪ ڪاليج جي انگريزي ڳالهائڻ واري معاشري جا نمائندا پڻ رهيا، پاڻ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي انگريزي جي اداري جي شايع ٿيل هڪ رسالي نالي ”هارويسٽ“ جا نمائندا رهيا، ”بهرا يوٿ آرگنائيزيشن“ جا نمائندا رهيا، پاڻ ”جونيئر چيمبر آف ڪامرس انٽرنيشنل“ جا باني رهيا ۽ اُن اندر پاڪستاني باب جا صدر به رهيا، پاڻ ”سينيٽر آف جي.سِي.آءِ“ جا قومي صدر رهيا ۽ ”ورلڊ پريزيڊينٽ آف جي.سي.آءِ روٽيرين“ جا مشير پڻ رهيا، پاڻ ڪلب ۽ ضلعي سطع تي ڪيترن ئي عهدن تي فائض رهيا، گڏوگڏ ڪلب جا صدر ۽ ضلعي ڪاميٽين جا چيئرمين پڻ رهيا، پاڻ ”سوشل سروسز ڪوآرڊينيٽنگ ڪائونسل“ جا نمائندا رهيا، پاڪستان اميرڪن ڪلچرل سينٽر جا صدر رهيا، ۽ ان جا نمائندا پڻ رهيا 15 سالن تائين، بورڊ آف گورنمينٽ جي ”حسني اڪيڊمي سوسائٽيءَ“ جا نمائندا پڻ رهيا، پاڻ پاڪستان ۾ انساني حقن واري ڪميشن جا نمائندا رهيا، ڪراچي بار ايسوسيئيشن جا نمائندا رهيا، سنڌ هاءِ ڪورٽ جا بار ايسوسيئيشن جا نمائندا رهيا، ڪراچي ڪوآپريٽيو لائرس سوسائٽيءَ جا نمائندا رهيا، پاڪ-چائنا فرينڊشپ سوسائٽيءَ جا نمائندا رهيا، سارڪ لاءَ جا باني، نمائندا ۽ نائب صدر رهيا، موبائل بِلَڊ ڊونر گروپ جا باني رهيا، سينٽ پئٽرڪ اِليُومِني جي مينيجنگ ڪاميٽيءَ جا نمائندا رهيا، لاءَ ڪاليج جي لاءَ ڪانفرنس ڪاميٽيءَ جا باني رهيا، ايس.ايم لاءَ ڪاليج جي ڊرامائي ڪاميٽي جا نمائندا رهيا، بين الاقوامي تعلقات واري اداري جا جنرل سيڪريٽري رهيا. ٻَارن لاءَ قانون جي چڪاس ۾ سنڌ گورنمينٽ جي خاص ڪاميٽيءَ ۾ نمائندا رهيا، پاڻ 14 فلاحي ادارن جا مينيجنگ ٽرسٽي رهيا خاص طور تي تعليم جا، گرين وِچ يونيورسٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس جا نمائندا رهيا. پاڻ ڪراچي، پاڪستان ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ هيٺين مضمونن تي ڳالهايو ٻارن لاءِ قانون، معذورن لاءِ خاص قانون، ادارن ۾ توهان جي ترقي ، اوساڪا جاپان ۾ پاڪستان تي ڳالهايائون، منيلا فلپائن ۾ ، سان فرانسزڪو ۾،ڀارت جي سَتن شهرن ۾ ”سوڪ پٽس“ لاءِ ڳالهايو جيڪو يونيسن اسپانسر ڪيو هو. پاڻ سنگاپور، بينڪاڪ، ڪولمبو، نيپال، لنڊن ۽ گوٽن برگ ۾ ڪيترن ئي گڏجاڻين ۾ خطاب ڪيائون، پاڻ آسٽريا جي سالزبرگ ڪانفرنس ۾ مدعو ڪيا ويا. ڊَچ ايڊوائزري مِشن ۽ يونيسف سان گڏ ڪراچيءَ ۾ ”سوڪ پٽز“ جي خيالات جي شروعات ڪيائون، اَنڌن کي پڙهايائون، هوم اسڪول جي نطريه جو بنياد رکيائون، ”اِيچ وَن ٽَيچ ون“ جي شروعات ڪيائون، پاڻ امريڪا جي سينٽ لُوئس جي طرفان ”مُويو.ايس.اي۾ ايوارڊ، ڪلڪتا انڊيا ۾ يونيسيف جي طرفان ايوارڊ، جي.سي.آءِ انٽرنيشنل جي طرفان بيسٽ لوئس منيلا ۾ ايوارڊ، ڪراچي جي سيز جي طرفان ايوارڊ، روٽري انٽرنيشنل جي طرفان ايوارڊ، ضلعي گورنرس 327 جي طرفان ايوارڊ، ڪلب پريزيڊنٽ آف سنگاپور جي سيز جي طرفان ايوارڊ، پينانگ جي سيز، جي طرفان ايوارڊ، زاهد ۽ طارق جي فرم کي ”گولڊ اسٽار ايوارڊ ڏنو ويو، پاڻ ڪلب آف روم ۾ ”ينگ ليڊرس آف دي ورلڊ“ جي تقريب ۾ واحد پاڪستاني هئا جن جو انٽرويو ورتو ويو. پاڻ 20 سالن تائين يورپين ڪميونٽيءَ جا ڄاتل سڃاتل فرد رهيا معذورن جي سروسز ۾، پاڻ 2001 ۾ ”ڊبليو.ايڇ.او.پاڪستان“ ۾ شرڪت ڪيائون. پاڻ 1966 ۾ قانون ۾ گريجوئيٽ ڪرڻ کان پوءِ وڪالت شروع ڪيائون

اطلاعات / اعلان

وڌيڪ پڙهو ۔۔

فوري دستياب