سنڌ هاءِ ڪورٽ (سنڌي بيٽا ورزن): هن ويب سائيٽ کي بهتر ڪرڻ لاءِ پنهنجي مثبت تجويزن سان اسان جي رهنمائي ۽ حوصلا افزائي ڪندا [email protected]



معزز جَج

Justice_Wahid_Bux_Brohi

محترم جسٽس واحد بخش بروهي

پاڻ 07 فيبروري 1943 ۾ ضلعي شڪارپور سنڌ ۾ پيدا ٿيا، 1966 ۾ پاڻ معاشيات ۽ رياضي ۾ بيچلر ڊگري سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪيائون ۽ قانون جي ڊگري ايل.ايل.بي، ايس.ايم.لاءَ ڪاليج ڪراچيءَ مان حاصل ڪيائون. پاڻ 1972 ۾ وقتي طور تي سول جج ۽ فرسٽ ڪلاس ميجسٽريٽ ڀرتي ٿيا جڏهن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي طرفان مقابلي جو امتحان ٿيو ته پاڻ سول جج جي پوسٽ لاءَ امتحان ۾ پهرين پوزيشن کنيائون. پاڻ اسلامڪ يونيورسٽي اسلام آباد جي شريعه اڪيڊمي مان شريعت جو ڪورس ڪيائون ۽ حڪومت سنڌ اندر ڊپٽي سيڪريٽري، ايڊيشنل سيڪريٽري، ڊرافٽ مين طور ڪم پڻ ڪيائون. پاڻ صوبي سنڌ جي قانوني ڪاليجن جي بورڊ آف گورنرز ۾ حڪومت جي نمائندگي به ڪيائون. پاڻ 1985 ۾ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج مقرر ٿيا. پاڻ هاءِ ڪورٽ آف سنڌ جي رجسٽرار طور ٻه دفعا خدمتون انجام ڏنائون، جن ۾ 1996 کان 1997 تائين ۽ 1998 کان 1999 تائين شامل آهن. پاڻ ڪراچيءَ جا آفيشل اسائني پڻ ڀرتي ٿيا ۽ ايڊمنسٽريٽو جنرل سنڌ پڻ ڀرتي ٿيا. 1997 کان 1998 تائين هڪ قابلِ فخر اعزاز ۽ نوڪري پڻ حاصل ڪيائون ”ايڪس آفيثيو سيڪريٽري ٽو اسٽيٽ آف قائدِ اعظم محمد علي جناح“

اطلاعات / اعلان

وڌيڪ پڙهو ۔۔

فوري دستياب