محترم جسٽس شاهِد انور باجوه
محترم جسٽس شاهد انور باجوه 5 آڪٽوبير 1950 جي ٽينڪ واري جنگ ۾ مشهور ٿيل چاونڊه شهر ۾ پيدا ٿيا. پاڻ پنهنجي بنيادي تعليم چاونڊه شهر مان حاصل ڪيائون ۽ 1965 ۾ انهن جو خاندان پنهنجي جاءِ تائين ٻي پاسي هليو ويو، بعد ۾ پاڻ گورنمينٽ ڪاليج لاهور مان پڙهائي ڪيائون ۽ بعد ۾ يونيورسٽي آف انجنئيرنگ ۽ ٽيڪنالاجي لاهور مان گريجوئيشن ڪيائون. پاڻ پنهنجي ڪم جي شروعات نيشنل موٽرز ڪراچيءَ کان انجننيئر طور ڪيائون ۽ پهرين فرست ۾ اهو سمجهائون ته انجنيئرنگ سندن مزاج مطابق پيشو آهي. ان لاءِ ساڳي ئي اداري اندر صنعتي تعلقن ڏانهن مڙيا، پاڻ بزنس ايڊمنسٽريشن جي اداري مان بزنس ايڊمنستريشن ۾ ماسٽرز ڪيائون ۽ ايمريڪا جي هڪ بين الاقوامي ڪمپني ۾ نوڪري حاصل ڪيائون. جتي پاڻ ملازمن صنعتي تعلقن جي شعبي جا مينيجر لَڳا، ڪجهه وقت بعد پاڻ ترقيءَ ڪري ساڳي اداري ۾ ڊائريڪٽر طور مقرر ٿيا ايل.ايل.بي جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ 1989 ۾ محترم باجوه قانوني پيشي اندر داخل ٿيا ۽ 1989 ۾ پاڻ ماتحت عدالت جي وڪالت حاصل ڪيائون، 1992 ۾ پاڻ هاءِ ڪورٽ جا وڪيل مقرر ٿيا ۽ 2003 ۾ پاڻ سپريم ڪورٽ پاڪستان جا وڪيل مقرر ٿيا. پنهنجي ڪم دوران پاڻ پورهئي ۽ صنعتي تعلقن جي قانونن ۾ مهارت حاصل ڪئي، جنهن ڪري سندن ڪيترائي ڪلائنٽس آهن جهڙوڪ:- الائيڊ بينڪ لميٽڊ، حبيب بينڪ لميٽڊ، مسلم ڪمرشل بينڪ، بينڪ الفلاح، سِٽي بينڪ، جانسنز اينڊ جانسنز، نيشنل رفائنري، پاڪ عرب رفائنري، فلپس پاڪستان لميٽڊ ۽ ڪيتريون ئي ٻيون ڪمپنيون پڻ شامل آهن. پاڻ 2002 کان وٺي هاءِ ڪورٽ ۾ جج طور حلف کڻڻ تائين ”انڊسٽريئل رليشنز ايڊوائزرايسوسئيشن جا صدر منتخب ٿيا“ پاڻ 25 سيپٽمبر 2009 تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جا عارضي/وقتي جج مقرر ٿيا ۽ سيپٽمبر 2011 تي هاءِ ڪورٽ جا مستقل جج مقرر ٿيا |