سنڌ هاءِ ڪورٽ (سنڌي بيٽا ورزن): هن ويب سائيٽ کي بهتر ڪرڻ لاءِ پنهنجي مثبت تجويزن سان اسان جي رهنمائي ۽ حوصلا افزائي ڪندا [email protected]



معزز جَج

Justice_Shabbir_Ahmed

محترم جسٽس شبير احمد

محترم جسٽس شبير احمد 20 ڊسمبر 1942 ۾ ڀارت جي شهر الله آباد ۾ پيدا ٿيا. ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ. پاڻ 1961 ۾ بي.اي ڪيائون ۽ 1963 ۾ ايل.ايل.بي ڪيائون. اهي ڊگريون الله آباد يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيائون. پاڻ 12 آگسٽ 1964 ۾ الله آباد هاءِ ڪورٽ ۾ وڪيل مقرر ٿيا ۽ 1967 تائين دِيواني معاملن تي الله آباد هاءِ ڪورٽ اندر وڪالت ڪيائون.

پاڻ 1967 ۾ پاڪستان ڏانهن هجرت ڪيائون ۽ 1973 تائين ديواني معاملن تي ڪراچيءَ ۾ وڪالت ڪيائون ۽ منصورالعارفين ۽ ڪمپنيءَ سان گڏ ڪم ڪندا رهيا. پاڻ 26.03.1974 تي سنڌ جي ماتحت عدالت ۾ سينئر سول جج طور ڀرتي ٿيا. اِن جاءِ تي پاڻ 1974 کان 1975 تائين سانگهڙ ۾ رهيا ۽ 1975 کان 1978 تائين ضلعي حيدرآباد ۾ رهيا.

پاڻ نومبر 1978 ۾ ترقيءَ ڪري ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج مقرر ٿيا ۽ 1978 کان 1980 تائين ضلعي سکر ۾ خدمتون سرانجام ڏنائون. 1980 کان 1983 تائين لاڙڪاڻي ۾ ۽ 1983 کان 1985 تائين ضلعي نواب شاه ۾ خدمتون سرانجام ڏنائون. پاڻ ميمبر انسپيڪشن ٽيم هاءِ ڪورٽ پڻ رهيا، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ضلعو دادو، ڪراچي ڏکڻ/مغربي، ڪراچي اوڀر، ميرپورخاص، مرڪزي ڪراچي به رهيا، پاڻ پرزائيڊنگ آفيسر، سنڌ ليبر ڪورٽ نمبر 3 ڪراچي ۽ سنڌ ليبر ڪورٽ نمبر 8 لاڙڪاڻو پڻ رهيا.

پاڻ ٽي دفعا سنڌ هاءِ ڪورٽ جا رجسٽرار رهي چڪا آهن، جيئن 1986 کان 1988، 1988 کان 1989 تائين، 1997 کان 1998 تائين ۽ پاڻ 27 مئي 1998 تي ترقيءَ ڪري سنڌ هاءِ ڪورٽ اندر جج مقرر ٿيا ۽ 27 مئي 1999 تي پاڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ جا پڪا/مستقل جج مقرر ٿيا.

ٻيون ذميواريون
  1. عدليه اندر:جج اسپيشل اپيليٽ ڪورٽ ڪسٽم ۽ ٽيڪسيشن سنڌ، ايڊمنسٽريٽو جج اسپيشل ڪورٽ، (دهشتگردي ٽوڙڪم)، ڪراچي ڊويزن پڻ رهيا.
  2. تنظيمي خدمتون: چيئرمين سنڌ زڪوات ڪائونسل، چيئرمين اسلامڪ بورڊ مداربا ۽ چيئرمين سليڪشن ڪاميٽي سنڌ جي عدليه جي آفيسرن لاءِ، ڪراچي يونيورسٽي جي سينڊيڪيٽ جا نمائندا ۽ بقائي يونيورسٽي ڪراچي جا نمائندا پڻ رهيا
تربيتون ۽ تقريبون :
پاڻ 1981 ۾ اسلام آباد ۾ بين الاقوامي اسلامڪ يونيورسٽي ۾ شريعت ٽِن تدرسِي عمل ۾ شرڪت/حصو ورتائون سيپٽمبر 2002 ۾ جَي پور انڊيا ۾ سارڪ جي قانوني تقريب ۾ شريڪ ٿي حصو ورتائون
اطلاعات / اعلان

وڌيڪ پڙهو ۔۔

فوري دستياب