محترم جسٽس سرمد جلال عثماني
نالو: |
---|
سرمد جلال عثماني |
ڄم جي تاريخ: |
13 آڪٽوبر 1950 |
دلچسپيون ۽ مشغوليون: |
گولف کيڏڻ، شڪار ڪرڻ، مڇي پڪڙڻ، ڪلاسيڪل موسيقي ٻڌڻ، سينيما ۽ ادب پڻ سندن دلچسپي جا مرڪز رهيا |
تعليمي قابليت: |
|
وڪيل طور مقرري: |
|
پيشه ورانا تجربو: |
پاڻ گهڻو ڪري بين الاقوامي پيشي ۽ بينڪنگ ايرياز جي ڪم ڪيائون. 1985 ۾ پاڻ پنهنجي ذاتي قانوني فرم جو بنيا رکيائون. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ثالثي ٽربيونل جي اڳيان مقدما وڙهيا. پاڻ اڪثر بينڪنگ ۽ شپنگ جي ايرياز ۾ ڪم ڪيائون، پرائيويٽائيزيشن ڪميشن آف پاڪستان کي مشورو ڏيندي پاڻ مِلن ۽ حصول وارا معاملن تي به مقدما وڙهندا رهيا |
قانوني تجربو: |
1998 ۾ ترقيءَ طور هاءِ ڪورٽ جا جَج مقرر ڪيا ويا. پاڻ شپنگ بينڪنگ ملڪيت، ٽيڪس، آئيني ۽ فوجداري جا قانوني معاملن جا ڪيترائي فيصلا ڪيائون. پاڻ گورنمينٽ آف پاڪستان جوڊيشل اينڊ ليگل رفارمس پراجيڪٽ اندر پراونشل اسٽيئرنگ ڪاميٽي سنڌ جا نمائندا رهيا. هن پراجيڪٽ کي ايشين ڊوليميٽ بينڪ طرفان فنڊ ڏنو ويو هو جنهن جوڊيشل پاليسي ۽ ايدمنسٽريشن ۾، ڊلي رڊڪشن پروگرام، ايڪسيس ٽو جسٽس، قانوني تعليم، عدليه جي تربيت، اسٽريٿننگ ڪمرشل ڊسپيوٽ ريسوليوشن پروسيجر، ڊرافٽنگ، قانون ۾ ترميم وغيره ۾ ڪافي حد تائين سڌارا آندا. انهن پروجيڪٽس اندر ملڪ جي مختلف حصن ۾ ورڪشاپن ۽ سيمينارن اٽينڊ ڪيائون. قانون جي سڌار لاءِ محفوظ ڪاروائيون ۽ بين الاقوامي بيچيني جيڪا ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ اشتهار ڪئي * ورلڊ بئنڪ ان جي بين الاقوامي عدليه ڪانفرنس پڻ اٽينڊ ڪيائون. سيپٽمبر 2008 ۾ پاڻ ترقي ڪري سپريم ڪورٽ ۾ جَج طور اماڻيا ويا ۽ پوءِ 03 آگسٽ 2009 تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جا چيف جسٽس مقرر ڪيا ويا |
درسي تجربو: |
1980 کان 1982 تائين پاڻ ايس.ايم لاءِ ڪاليج ڪراچي جا پروفيسر رهيا ۽ بعد ۾ 1985 کان 1998 تائين ايل.ايل.بي ۽ ايل.ايل.ايم جا ڪلاس پڙهايائون،پاڻ ڪيترائي مضمون پڙهايائون جيئن ڪمپني تي بين الاقوامي قانون، ڪلاسز ۽ ڪانٽريڪٽ |