محترم جسٽس سجاد علي شاه
نالو: |
---|
سجاد علي شاه |
پيدائش جي تاريخ : |
14 آگسٽ 1957، ڪراچي ۔ |
تعليمي قابليت: |
ملڪ جي مختلف حصن مان ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ گورنمينٽ اسلاميـ ڪاليج مان گريجوئيشن ڪيائون. ان کان پوءِ بيچلر آف لاءَ جي سند 1984 ۾ حاصل ڪرڻ کان پوءِ 1988 ۾ سنڌ مسلم لاءَ ڪاليج ڪراچي مان ماسٽر آف لاءَ جي سند حاصل ڪيائون |
تجربو : |
قانون جي شعبي ۾ 1985 ۾ داخل ٿيا. 20 سال بار ۾ وڪالت ڪيائين ۽ ان عرصي دوران گورنمينٽ آف پاڪستان جي تمام اهم مقدمن جي نمائندگي عدالت عظميٰ ۽ عدالت عاليـ ۾ ڪئي. ڪيترن ئي مالي ادارن لاءِ مقدمن جي پيروي ڪيائين ۔ 1995 کان ايس- ايم لاء ڪاليج ۾ اعزازي ليڪچرر رهيا جج ٺهڻ تائين.
سال 2002 ۾ گورنمينٽ آف پاڪستان لاءِ بطور اسٽينڊنگ ڪائونسل ۽ ان کان پوءِ سال 2004 ۾ بطور ڊپٽي اٽارني جنرل گورنمينٽ آف پاڪستان مقرر ٿيا ، بتاريخ 24 آڪٽوبر 2005 ۾ عدالت عاليـ سنڌ جا جج بڻيا ۽ بتاريخ 14 ڊسمبر 2015 ۾ صوبي سنڌ جا چيف جسٽس مقرر ٿيا. |