محترم جسٽس صَبيح الدين احمد
جسٽس صبيح الدين احمد 1949ع ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ پيدا ٿيا. پاڻ شروعاتي تعليم ملڪ جي مختلف حصن مان حاصل ڪيائون. 1969ع ۾ پنجاب يونيورسٽيءَ مان ايم.اي ڪيائون ۽ ايل.ايل.بي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ڪيائون. پاڻ پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيترن ئي ڪاليجن جي اندر تقريرن ۽ ٻين مقابلن ۾ حصو ورتائون ۽ پاڻ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سکر، گورنمينٽ ڪاليج لاهور ۽ ايس ايم لاءَ ڪاليج ڪراچي جي ڪاليجن جي رسالن جي تدوين ڪيائون. پاڻ قانوني پيشي جي شروعات 1972ع ۾ معزز خالد ايم اسحاق جي چيمبر مان ڪيائون جيڪي ڪراچي جا هڪ عظيم وڪيل آهن. پاڻ 23 سالان تائين بار ۾ ڪم ڪيائون ۽ سپريم ڪورٽ اندر ديواني ۽ آئيني مقدمن ۾ حصو ورتائون. پاڻ 1987ع کان 1990ع تائين پاڪستان ۾ انساني حقن جي ڪميشن جا بنيادي نمائندا ۽ نائب ضدر رهيا. پاڻ ڪيترن ئي بين الاقوامي ڪانفرنسز ۾ شرڪت ڪيائون جيڪي انساني حقن ۽ ان سان ٻڌل ٻين مسئلن تي مشتمل رهيون. پاڻ آئيني انساني حقن جي ڪيترن ئي معاملن ۾ حصو ورتائون. جيڪي سندن ڪيترائي مضمون، مختلف اخبارن ۽ وقت وار رسالن ۾ ايندا رهيا. پاڻ 11.01.1997ع ۾ ترقيءَ ڪري سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جَج طور مقرر ٿيا ۽ ڪيترن ئي بين الاقوامي قانوني ڪانفرنسز ۾ حصو ورتائون. پاڻ انٽرنيشنل فار پروموشن جيڪو انساني حقن متعلق آهي، جي بين الاقوامي مشاورتي ڪائونسل جا نمائندا چونڊيا ويا ۽ پڻ اسٽيئرنگ ڪاميٽي آف دي سائوٿ ايشيا ليگل ايجوڪيشن جيڪا جنسي معاملن تي هئي ، جا نمائندا رهيا. پاڻ بورڊ آف ٽرسٽي آف آغا خان ۽ بورڊ آف گورنر همدرد يونيورسٽيءَ جا ميمبر پڻ رهيا. عزت مآب چيف جسٽس صبيع الدين احمد هاءِ ڪورٽ جا جَج 28.04.2000ع کان مقرر ٿيا ۽ پاڻ 05.04.2005ع تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس طور قسم کنيائون |