محترمه جسٽس رٽائيرڊ قيصر اقبال
محترمه جسٽس رٽائيرڊ قيصر اقبال 31.12.1949 ۾ ڪراچي ۾ پيدا ٿيون. پاڻ اسڪول جي بنيادي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ گورنمينٽ فرنٽيئر ڪاليج پشاور مان بي.ايس.سي ڪيائون ۽ بعد ۾ ايل.ايل.ايم ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ڪيائون. پاڻ 1972ع ۾ ماتحت عدالت جون وڪيل مقرر ٿيون ۽ بعد ۾ عدالتِ اعليٰ سنڌ ۽ عدالتِ اعليٰ بلوچستان جون وڪيل مقرر ٿيون. پاڻ 1976 ۾ سنڌ جي ماتحت عدالت ۾ سنڌ پنلڪ سروس ڪميشن پاس ڪري سِوِل جَج مقرر ٿيون. 1982ع ۾ ترقيءَ ڪري سينيئر سِوِل جَج ٿيون. 1995ع ۾ پاڻ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جَج مقرر ٿيون. پاڻ اسپيشل جَج بينڪنگ ڪورٽ ايڊمنسٽريٽوِ جَج بينڪنگ ڪورٽ اندر 1996 کان 1999 تائين چيئرمين انشورنس اپليٽ ٽربيونل ڪراچي رهيون. 1999 کان 2000 تائين ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جَج ڪراچي ايسٽ 2000 کان 2003 تائين ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جَج ڪراچي ويسٽ ۽ آڪٽوبر 2005 تائين پاڻ ڪراچي ۾ ايڊمنسٽريٽوِ جج اڪائونٽيبلٽي ڪورٽ طور ڪم ڪيائون. 25 آڪٽوبر 2005 تي پاڻ ترقيءَ ڪري هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ ايديشنل جج مقرر ٿيون ۽ 2006 جي آڪٽوبر جي مهيني ۾ پڪو ڪيو ويو. پاڻ گورنمينٽ فرنٽيئر گرلس ڪاليج پشاور جي سائنٽفڪ سوسائٽيءَ جون صدر پڻ رهيون. پاڻ 1990 ۽ 1991 ۾ فيڊرل جوڊيشل اڪيڊمي اسلام آباد ۽ سنڌ جوڊيشل اڪيڊمي ڪراچي اندر اسپيشل/خاس ڪورسِ ڪيا. پاڻ 1987 ۾ وومين ڊويزن آف پاڪستان، ڪوئٽه جي طرفان منعقد ڪيل ڪانفرنس ۾ به شڪت ڪيائون. 1989 ۾ واشنگٽن ڊي.سي ۾ عورت ججن جي ڏهين قومي ڪانفرنس ۾ پڻ شرڪت ڪيائون. 1992 ۾ پاڻ اسلامڪ يونيورسٽي اسلام آباد ۾ 27هون شريعت ڪورس ۾ شرڪت ڪيائون. پاڻ مصر جي الاظهر يونيورسٽيءَ ۾ جوڊيشل سينٽر طرفان هڪ ڪورس پڻ اٽينڊ ڪيائون. پاڻ 1994 ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ايڪسيلينس سينٽر آف اِسٽڊي جو منعقد ڪيل هڪ سيمينار جنهن جو منتق ”عورت ڪراچي اندر“ هو تنهن ۾ حصو پڻ ورتائون جيڪا يونائيٽڊ نيشنس جي ڳڏيل جاکوڙ سان ٿي هئي. پاڻ 1995 ۾ ڳڏيل قومن ۽ (JICA) چاچان جي مشترڪا ڪانفرنس اٽيند ڪيائون جيڪا قومي پوليس اڪيڊمي طرفان منعقد ڪيل هئي. پاڻ 2004 ۾ NAB اسلام آباد جي طرفان منعقد ڪيل هڪ ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪيائون. پاڻ U.K ۾ الٽرنيٽ ڊِسپيوٽ ريسوليوشن تي هڪ ڪورش پڙهيائون. پاڻ 2008 ۾ هاليفڪس اوٽاوا ۽ ٽورونٽو ڪينيڊا ۾ انٽينسِو پروگرام فار جوڊيشل ايجوڪيشن ۾ پڻ شرڪت ڪيائون اشاعت: 1997 ۾ هڪ ڪتاب لکيائون جنهن جو نالو قنديلِ آرزو رکيائون. |