سنڌ هاءِ ڪورٽ (سنڌي بيٽا ورزن): هن ويب سائيٽ کي بهتر ڪرڻ لاءِ پنهنجي مثبت تجويزن سان اسان جي رهنمائي ۽ حوصلا افزائي ڪندا [email protected]



معزز جَج

Justice_Nisar_Shaikh

محترم جسٽس نثار محمد شيخ

پاڻ 18.11.1952 تي ضلعي سانگهر سنڌ جي شهر شهدادپور ۾ پيدا ٿيا. پاڻ بنيادي تعليم کان گريجوئيشن تائين جي تعليم شهدادپور مان حاصل ڪيائون ۽ بي.اي جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان حاصل ڪيائون. 1976 ۾ پاڻ سنڌ لاءِ ڪاليج حيدرآباد مان ايل.ايل.بي جو امتحان پاس ڪيائون ۽ قانون ۾ گريجوئيشن جي ڊگري سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيائون. پاڻ شاگردي واري زندگيءَ ۾ ڪيترن ئي معاشي ۽ ادبي مسغولين اندر حصو ورتائون.

پاڻ 11.05.1978 تي ماتحت عدالت اندر وڪيل مقرر ٿيا ۽ قانوني پيشو شروع ڪندي وڪالت جو ڪم شهدادپور جي عدالت کان شروع ڪيائون، 29.07.1987 ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جا وڪيل مقرر ٿيا ۽ بعد ۾ 31.10.1982 ۾ سول جج مقرر ٿيا. پاڻ ترقيءَ ڪري سينئر سول جج ۽ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ جج تيندي، سيپٽمبر 2000 ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج جي عهدي تي ترقي ماڻيائون.

پنهنجي سروس جي دوران پاڻ سنڌ جوڊيشل اڪيڊمي ڪراچيءَ اندر تربيت حاصل ڪيائون ۽ بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد مان شريعت جو ڪورس ڪيائون. ان دوران پاڻ سوڊان، اُردن، ۽ سعودي عرب ڏانهن پڙهائي جا دورا پڻ ڪيا.

پاڻ بين الاقوامي عدليه جون ڪانفرنسون ۽ ٻين ڪيترين ئي تقريبن ۽ ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪيائون پاڻ سنڌ جوڊيشل اڪيڊمي ڪراچي جي بورڊ آف گورنرس جا نمائندا پڻ رهيا ۽ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عهدي تي هوندي پاڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رُول ڪاميٽيءَ جا نمائندا رهيا. سيپٽمبر 2009 ۾ پاڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچيءَ جا رجسٽرار مقرر ٿيا. 18.02.2010 تي پاڻ ترقيءَ ڪري هاءِ ڪورٽ جي بينچ اندر آيا. پاڻ جا ڪيترائي فيصلا ۽ حُڪم جيڪي پاڻ لکيائون اهي ملڪ جي ڪيترن ئي رسالن اندر شايع ڪيا ويا. قانوني نوڪريءَ جا 32 سال گزارڻ کان پوءِ پاڻ جج طور سنڌ هاءِ ڪورٽ جي عهدي تان 17.11.2014 تي رٽاير ٿيا

اطلاعات / اعلان

وڌيڪ پڙهو ۔۔

فوري دستياب