ذاتي معلومات: |
پاڻ 2 جنوري 1959 ۾ ڪراچي ۾ پيدا ٿيا. پاڻ وڪيلن جي خاندان سان تعلق رکن ٿا. سندن والد مرحوم پروفيسر اظهر علي صديقي سپريم ڪورٽ جا وڪيل ۽ اسلاميه لاءِ ڪاليج جا پرنسپال پڻ رهيا. |
تعليمي قابليت: |
- بنيادي تعليم ”هيپي هوم اسڪول“ مان حاصل ڪيائون
- مئٽرڪ گلستان اسڪول مان ڪيائون
- بي.ڪام نيشنل ڪاليج مان ڪيائون
- ايل.ايل.بي پهرين ڊويزن ۾ ايس.ايم لاءَ ڪاليج مان ڪيائون
|
پيشاورانا تعليم: |
- 1984 ۾ پاڻ ماتحت عدالت جا وڪيل مقرر ٿيا
- 1986 ۾ عدالتِ اعليٰ جا وڪيل مقرر ٿيا
- 2001 ۾ عدالتِ عظميٰ جا وڪيل مقرر ٿيا
|
تقرري: |
پاڻ 22 آگسٽ 2002 کان ڊپٽي اٽارني جنرل آف پاڪستان رهيا. ان وقت ۾ پاڻ 650 کان وڌيڪ مقدما پنهنجي سخت محنت سان اُڪلايا. جنهن ۾ ڪافي ڪيس خاص نوعيت جا پڻ هئا. پاڻ ان عهدي مان ئي ترقي ڪري هاءِ ڪورٽ جا جَج مقرر ٿيا |
قانوني مشير: |
- ڪراچي يونيورسٽيءَ جا قانوني مشير رهيا
- شاهنواز لميٽڊ جا قانوني مشير رهيا
- پاڻ ڪيترن ئي ڪمپنين ۽ ادارن سان ڳڏ ڪم ڪيائون
- اَي.ايف.يُو جنرل انشوئرنس سان ڳڏ
- پاڪستان شپنگ ڪارپوريشن سان ڳڏ
- ايڊُلجي دِين شا (پرائويٽ) لِميٽيڊ سان ڳڏ
- پاڪستان انڊسٽريل ڊولپمينٽ ڪارپوريشن لِميٽيڊ سان ڳڏ
- گهي ڪارپوريشن آف پاڪستان لِميٽيڊ
- شاهنواز انجنيئرنگ (پرائيويٽ) لِميٽيڊ
- شيزان (پرائيويٽ) لِميٽيڊ
- ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج لِميٽيڊ
- نيشنل انويسٽمينٽ ٽرسٽ
- پاڪستان اسٽيل ملز لِميٽيڊ
- فرسٽ اسٽينڊرڊ انويسٽمينٽ بينڪ لِميٽيڊ
- پاڻ ضرورت مندن کي مفت قانوني سهولتون ڏنائون
- پاڻ لاءَ رسالو/جرنل رپورٽ ٿيل عدالتِ اعليٰ ۽ عدالت عظمٰي سامهون 100 کان وڌيڪ مقدمن جي نمائندگي ڪيائون
- پاڻ ڪيترن ئي سيمنارن ۽ ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪيائون
- پاڻ 1994 ۾ ڪراچي بار جي انجمن جا عزت مآب جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيا ويا
- پاڻ 2000 کان 2001 تائين ڪراچي بار جي انجمن جا سيڪريٽري مقرر ڪيا ويا، جن تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا
- پاڻ ايڊيٽوريئل بورڊ سنڌ ۽ بلوچستان جي قانوني جرنل/رسالي ميمبر رهيا
- سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي انجمن جا نمائندا رهيا
- ڪراچي بار جي انجمن جا نمائندا رهيا
- انڪم ٽيڪس جي بار جي انجمن جا نمائندا رهيا
- سنڌ هاءِ ڪورٽ بار لائبريري جا نمائندا رهيا
- انڊسٽريئل ايڊوائيزر جي انجمن جا نمائندا رهيا
- 25.10.2005 ۾ پاڻ ترقيءَ ڪري هاءِ ڪورٽ جي بينچ اندر جَج طور مقرر ڪيا ويا
|