محترم جسٽس مشير عالم
پاڻ 18.08.1956 ۾ هڪ وڪيل خاندان ۾ پيدا ٿيا. سندن ڏاڏي مولوي عبدالرئوف گواليئر رياست جي ڪائونسل طور مهاراجه جي خدمت ڪيائون. والد محمد اڪرم پنهنجي وقت جو پراڻو ۽ اڳتي وڌندڙ وڪيل رهيو. سندن چاچو منظر عالم پاڪستان جي تقسيم واري جدوجهد جو ڪارڪن رهيو ۽ قانوني پيشي جو عظيم وڪيل پڻ هيو. محترم مشير عالم قانوني پيشي ۾ خاندان جي ٽين نسل مان آهن. پاڻ ايس.ايم لاءَ ڪاليج ڪراچي مان ايل.ايل.بي ڪيائون، ڪراچي بار 1981 ۾ جوائن ڪيائون. اعليٰ عدالت ۾ وڪيل طور مقرري 1983ع ۾ ٿي. بار جي مشغولين اندر هڪ چست ڪردار نڀايائون. پهريان عزت مآب جوائنٽ سيڪريٽري جي آفيس سنڀالي بعد ۾ اعليٰ عدالت ڪراچي جي بار جي انجمن جا جنرل سيڪريٽري رهيا. سنڌ بار ڪائونسل جا نمائندا پڻ چونڊيا ويا. 1998ع ۾ پاڪستان جي حڪومت طرفان اسٽينڊنگ ڪائونسل مقرر ڪيا ويا. جتي پاڻ ٻه عهدن تي ڪم ڪندا رهيا ۽ 20 اپريل 1999ع ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جا جَج مقرر ٿيا پاڪستان ٽريڊ يونين ڪائونسل سان پڻ ڳڏ ڪم ڪيائون جيڪا ”برادرهوڊ آف ايشين ٽريڊ يونين“ ۽ ورڪر ڪانفيڊريشن آف ليبر سان ميل آهي.پاڻ پاڪستان اندر انهن جو لنڪ پرسن رهيا ته جيئن هو بين الاقوامي پورهئي جي معيار کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ يا آئ.ايل.او قانون پاڪستان اندر آڻڻ لاءِ ڪوشش ڪري سگهن.پاڻ ڪيتريون ئي قومي ۽ بين الاقوامي ڪانفرنسسون ۽ ورڪشاپن ۾ شرڪت ڪيائون جيڪي APTUC, BATU, WCL ۽ iLO جي وڇوڙي هيٺيان ڪم ڪن ٿا. |