محترم جسٽس رٽايرڊ منيب احمد خان
پاڻ 8 مئي 1949 ۾ رامپور يو.پي ڀارت ۾ پيدا ٿيا. سندن اهڙي خاندان سان تعلق هو جنهن جون پاڙون پاڪستان تحريڪ ۾ هيون. سندن ڏاڏي مولانا محمد علي جوهر جي سڳي سوٽ هئي. پاڻ نننڍ پِڻ ۾ ئي پاڪستان ڏانهن هجرت ڪيائون. سڄي ساري تعليم ڪراچيءَ ۾ مڪمل ڪيائون 1975 ۾ (انٽرنيشنل رليشن) ۾ ايم.اَي ڪيائون. 1977 ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان فرست ڪلاس ۾ ايل.ايل.بي ڪيائون. 1981 ۾ ٿيسيس اندر جدت سان ڳڏ سڀ کان وڌيڪ مارڪن سان ايل.ايل.ايم ، پهرين ڊويزن ۾ پاس ڪيائون. پاڻ ٿيسيس جو نالو ڪجهه ائين لکيو ”لاءَ آف ساورين اميونٽي ان ڪمرشل ٽرانسيڪشنز) جنهن جي چڪاس محترم جسٽس رٽايرڊ سيد سجاد علي شاهه پاڻ ڪئي. هڪ ڪانووڪيشن ۾ جيڪا 1983 ۾ ٿي جنهن ۾ سندن ٿيسيس کي هڪ اَوارڊ مليو ۽ انعام طور هڪ هزار روپيا پڻ مليا. جيڪي محترم جسٽس رٽايرڊ عبدالحيءَ قريشي ڏنا، جيڪي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ به رهي چڪا هئا. پاڻ 1978 ۾ ماتحت عدالت جا وڪيل مقرر ٿيا جتان هنن قانوني پيشي جي شروعات ڪيائون. 1980 ۾ عدالتِ اعليٰ جا وڪيل مقرر ڪيا ويا ۽ 1992 ۾ عدالتِ عظميٰ جا وڪيل مقرر ڪيا ويا. 1987 ۾ ڪراچي بار جي انجمن جا نائب صدر چونڊيا ويا. 2005 ۾ بلا مقابله عدالت اعليٰ سنڌ جي بار انجمن جا عزت مآب جنرل سيڪريٽري چونڊيا ويا. پاڻ جڏهن سيڪريٽري هئيا تڏهن ڪازلسٽ کي مڪمل طور تي ڪمپيوٽرائزڊ ڪرائاون جنهن کي ويب سائيٽ تي پڻ رکيو ويو. 1997 ۾ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ مقرر ڪيا ويا جنهن جنهن جاءِ تان پاڻ نومبر 1998 ۾ استعيفا ڏنائون. ان وقت نسڌ حڪومت جي طرفان عدالتِ عظميٰ جي اڳيان تمام گهڻا مصروف وڪيل رهيا گورنمينٽ آف سنڌ جي طرفان. 1995 ۾ پاڻ ايس.ايم لاءِ ڪاليج اندر پروفيسر طور پڙهائڻ شروع ڪيو جيڪو سندس ترقيءَ تائين جاري رکيو. پاڻ ڪافي شوق سان ايل.ايل.ايم جي ٿيسيس جا انتحان وٺندا رهيا. پاڻ هرنوعيت جا مقدما وڙهيا. 1980 کان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ترقيءِ تائين پاڻ ريلوي اسٽينڊنگ ڪائونسل رهيا. 1982 کان ترقيءَ تائين پاڻ عدالتِ اعليٰ ۽ عدالتِ عظميٰ ۾ ”هائوس بلڊنگ فائننس ڪارپوريشن“ جي وڪيل طور مصروفِ عمل رهيا. ان سان ڳڏوڳڏ سپريم ڪورٽ جي معاملن ۾ پاڪستان اسٽيل جا ڪائونسل رهيا. پاڻ ڪيترن ئي ملٽي نيشنل ۽ ٻين ادارن جي ڪورٽن اندر ۽ ٽربيونلس ۾ نمائندگي پڻ ڪيائون. |