محترم جسٽس محمد صادق لغاري
پاڻ 01.07.1944 تي ضلعي بدين ۾ پيدا ٿيا. ابتدائي تعليم ڳوٺ ماڻڪ لغاري مان حاصل ڪيائون ۽ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان ميٽرڪ ڪيائون، جناح لاءَ ڪاليج حيدرآباد مان ايل.ايل.بي ڪيائون. 1970 ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي بار ڪائونسل اندر وڪيل طور مقرر ٿيا. پاڻ جتي 1973 تائين وڪالت ڪيائون. نومبر 1973 ۾ پاڻ سِول جَج ۽ اين.سي.ايم مقرر ٿيا. جولاءِ 1978 ۾ ترقيءَ ڪري پاڻ اسسٽنٽ سيشنز جَج ۽ سينئر سول جَج مقرر ٿيا. 1984 ۾ پاڻ ترقيءَ ڪري ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جَج مقرر ٿيا. 1989 ۾ پاڻ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جَج مقرر ٿيا. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جَج طور پاڻ لاڙڪاڻو، نواب شاه، سانگهڙ، گهوٽڪي، سکر ۽ حيدرآباد ضلعن اندر خدمتون سراَنجام ڏنائون. جون 1998 ۾ پاڻ خاص جَج ڪسٽمز، ٽيڪسيشن ۽ اينٽي سمگلنگ منتخب ٿيا. 31.03.2001 ۾ پاڻ رجسٽرار هاءِ ڪورٽ آف سنڌ طور آفيس سنڀالي. تنهن کان بعد ۾ 27.08.2003 تي پاڻ ترقيءَ ڪري سنڌ هاءِ ڪورٽ جي بينچ اندر جَج طور قسم کنيائون |