سنڌ هاءِ ڪورٽ (سنڌي بيٽا ورزن): هن ويب سائيٽ کي بهتر ڪرڻ لاءِ پنهنجي مثبت تجويزن سان اسان جي رهنمائي ۽ حوصلا افزائي ڪندا [email protected]



معزز جَج

Justice_Muhammad_Ather_Saeed

محترم جسٽس محمد اطهر سعيد

  • پاڻ 1974 ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پهرين ڊويزن ۾ قانون اندر گريجوئيشن ڪيائون.
  • پاڻ محترم جسٽس ايس.اَي.نصرت جيڪي عدالتِ عظميٰ جا جج رهيا آهن/جيڪي ان وقت انڪم ٽِيڪس ڊپارٽميٽ جا قانوني مشير به هئا تِن سان جونيئر طور ڪم ڪيائون.
  • پاڻ 01 مئي 1976 ۾ ماتحت عدالت ۾ وڪيل طور مقرر ٿيا.
  • 21 مئي 1981 ۾ پاڻ عدالتِ اعليٰ جا وڪيل مقرر ٿيا.
  • 08 جون 1994 تي پاڻ عدالتِ عظميٰ جا وڪيل مقرر ٿيا.
  • 1980 کان 1981 تائين پاڻ بار ايسوسئيشن جا عزت مآب سيڪريٽري مقرر ٿيا.
  • 1983 ۾ پاڻ پاڪستان جيسيز جا قومي صدر منتخب ٿيا.
  • 1989 ۾ انڪم ٽيڪس بار ايسوسئيشن جا نائب صدر مقرر ٿيا.
  • 1991 ۾ پاڻ انڪم ٽيڪس بار ايسوسئيشن جا صدر مقرر ٿيا.
  • 1996 ۾ پاڻ انڪم ٽيڪس بار ايسوسئيشن جا صدر مقرر ٿيا.
  • 2000 ۾ پاڻ انڪم ٽيڪس بار ايسوسئيشن جا صدر مقرر ٿيا.
  • 2000 کان 2002 تائين پاڻ ڪراچي جيم خانا جا صدر مقرر ٿيا.
  • پاڻ ايس.ايم لاءَ ڪاليج اندر انڪم ٽيڪس جا قانون پڙهايائون.
  • پاڪستان ڪريسپانڊينٽ طور انٽرنيشنل بيورو آف فسڪل ڊاڪيومينٽيشن ايمسٽرڊم نيدرليند به رهيا.
  • پاڻ محترم جسٽس ايس.اي نصرت جيڪي نه صرف پنهنجي وقت جا تمام گهڻا مشهور ۽ اڪيلا وڪيل هئا ان کان سواءِ انڪم ٽيڪس ڊپارٽمينٽ حوڪومتِ سنڌ جا مشير به هئا، تِن سان ڳڏ انڪم ٽيڪس جي قانونن کان شروعات ڪيائون.
  • سندن ڪيترائي مقدما قانوني جرنل اندر ٻڌايا ويا، پاڻ تقريباً 30 سالن تائين انڪم ٽيڪس جي قانونن تي مختلف جڳهين تي ڪم ڪيائون جن ۾ انڪم ٽيڪس آفيس کان وٺي سپريم ڪورٽ ۾ وڪيل طور ڪم ڪرڻ شامل آهن.
  • پاڻ 06 ۽ 07 نومبر 1992 دهلي انڊيا ۾ انٽرنيشنل فسڪل ايسوسئيشن (انڊين چيپٽر) جي طرفان بين الاقوامي ٽيڪس جي سيمينار ۾ پڻ شرڪت ڪيائون.
  • 1996 ۾ ڍاڪا اندر سارڪ جي قانوني ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪيائون.
  • 1997 ۾ ڪراچيءَ اندر سارڪ جي قانوني ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪيائون.
  • پاڻ سپريم ڪورٽ بار ايسوسئيشن ۽ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسئيشن جي طرفان منظم ڪيل وڪيلن جي ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪيائون.
  • پاڻ ڪيترائي خطبا ڏنا ۽ مالي، ٽيڪس ۽ ڪارپوريٽ جي قانون تي جيڪو انڪم ٽيڪس جو ادارو حق رکي ٿو، تن تي پاڻ ڪافي مواد لکي چڪا آهن.
  • جهڙوڪ آل پاڪستان ٽيڪس بار ايسوسئيشن، انڪم ٽيڪس بار ايسوسئيشن، انسٽيٽيوٽ آف چارٽرڊ اڪائونٽينٽ، انسٽيٽيوٽ آف ڪاسٽ اينڊ مينيجمينٽ اڪائونٽس، چارٽرڊ اڪائونٽس اسٽوڊنٽس ايسوسئيشن، ڪارپوريٽ اينڊ ٽيڪسيشن لاءَ سوسائٽي، پيراگون جيئسيز وغيره وغيره.
  • پاڻ پي.ٽي.وي، جيو، آج، انڊس، اَي.آر.وائي ۽ ٻين ڪافي چينلن تي ٽيڪس، ڪارپوريٽ لاءَ، بجيٽ، مالي قانون وغيره تي ڪافي ڳالهائي چڪا آهن.
  • پاڻ 25 آڪٽوبر 2005 تي ترقيءَ ڪري عدالتِ اعليٰ جا جَج مقرر ڪيا ويا
اطلاعات / اعلان

وڌيڪ پڙهو ۔۔

فوري دستياب