محترم جسٽس موسيٰ . ڪي. لغاري
پاڻ پهرين جنوري 1946 تي ڳوٺ ڍنگانو بوزدار ضلعي حيدرآباد جي هڪ مذهبي ۽ عزت دار ۽ زراعت سان تعلق رکندڙ خاندان اندر پيدا ٿيا. سندن والد الحاج رئيس خان محمد خان جيڪي انتهائي مذهبي ۽ انسانيت پسند، معاشي اصلاح پسند، پروجوش تعليم دان هئا. مقامي قبيلن اندر کين تمام گهڻي عزت جي نگاه سان ڏٺو ويندو هو. پاڻ بنيادي تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ کانپوءَ سنڌ ماڊل هاءِ اسڪول ٽنڊو الهيار مان 1961 ۾ ميٽريڪيوليٽ ڪيائون. 1969 ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان آرٽس ۽ اڪانامڪس اندر گريجوئيشن پهرين ڊويزن ۾ ڪيائون. پاڻ ادب ۽ فن کي هميشه اهميت ڏنائون. ٻهراڙي جي معاملن اندر جاڳرتا آندائون. جتان جي پسماندا واسين لاءِ پاڻ تعليمي اُڀار آندو، 1976 ۾ پاڻ سنڌ لاءَ ڪاليج حيدرآباد مان قانون پڙهي ايل.ايل.بي جي ڊگري حاصل ڪيائون. 1980 ۾ ماتحت عدالت جا وڪيل مقرر ٿيا. پاڻ 20 سالن تائين قانوني ڪم ڪيائون ۽ ان کان پوءِ عدالتِ اعليٰ ۾ جَج مقرر ٿيا. ترقيءَ تائين پاڻ ديوان، بينڪنگ، ڪارپوريٽ، ليبر ۽ سروس جي قانونن تي ڪم ڪيائون ۽ سنڌ لاءَ ڪاليج حيدرآباد اندر بين الاقوامي قانون، آئيني قانون، لاءَ آف ڪانٽريڪٽ ۽ ٻيا مضمون پڙهايائون. پاڻ نيشنل بينڪ آف پاڪستان جا قانوني مشير پڻ رهيا. پاڻ وفاق ۽ سنڌ حڪومتن جي ٻين ادارن سان به ڪم ڪيائون اگر چه اهي قانوني ڪمپنيون نه به هيون. پاڻ حڪومتِ پاڪستان، پاڪستان ريلوي، پي،ٽي،سي،ايل ۽ ٻين مقامي طاقتن طرفان مقدما وڙهيا. پاڻ ڪيترن ئي نالو رکندڙ صنعتي ادارن جا قانوني مشير پڻ رهيا. پاڻ 10 آڪٽوبر 2000 ۾ هاءِ ڪورٽ اندر جَج طور ترقي ماڻيائون. 2003 ۾ پاڻ صوبائي نمائندا چونڊ ماتحت عدليه جي آفسرز جي سليڪشن ڪميٽي جا صوبائي رڪن ۽ پاڻ سينيئر نمائندا ۽ ڪنوينر پڻ رهيا. 2005 ۾ پاڻ سنڌ جي ماتحت عدالت جي سروس ٽربيونل جا صدر مقرر ڪيا ويا. پاڻ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي اندر قبولڻ يا ذايع ڪرڻ لاءِ جيڪي درخواستون رٽرننگ آفيسرز لاءِ اينديون هيون ان جا نمائندا پڻ چونڊيا ويا. 2002 جي چونڊن اندر بي سنڌ جي اليڪشن ٽربيونل جا جَج مقرر ڪيا ويا. ضياءَالدين ميڊيڪل يونيورسٽي ڪراچيءَ جا نمائندا گورننگ باڊي مقرر ڪيا ويا ۽ اسرا يونيورسٽي حيدرآباد جي بورڊ آف گورنرس جا نمائندا پڻ چونڊيا ويا. |