سنڌ هاءِ ڪورٽ (سنڌي بيٽا ورزن): هن ويب سائيٽ کي بهتر ڪرڻ لاءِ پنهنجي مثبت تجويزن سان اسان جي رهنمائي ۽ حوصلا افزائي ڪندا [email protected]



معزز جَج

Justice_M_Roshan_Essani

محترم جسٽس محمد روشن عيساڻي

نالو:
حاجي محمد عيسيٰ
ڄم جي تاريخ:
05.08.1941 ٽنڊو محمد خان، ضلعو حيدرآباد سنڌ
گهر جو پتو:
بنگلو نمبر 29/I گهٽي نمبر 23، فيز 5، ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي، ڪراچي
تعليمي قابليت:
  1. 1967 ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان بي.اي. ڪيائون
  2. 1967 ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پبلڪ ايڊمسٽريشن ۾ ڊپلوما ڪيائون
  3. 1969 ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايل.ايل.بي ڪيائون
انرولمينٽ جون تاريخون:
  • 6 مارچ 1971 تي پاڻ ماتحت عدالت جا وڪيل مقرر ٿيا
  • 21 اپريل 1975 تي پاڻ عدالتِ اعليٰ جا وڪيل مقرر ٿيا
  • 1991 ۾ پاڻ عدالتِ عظميٰ جا وڪيل مقرر ٿيا
ڪهڙين جگهين تي رهيا
  • پاڻ 7.11.1972 ۾ اسسٽنٽ پبلڪ پروسيڪيوٽر مقرر ٿيا ۽ ان کانپوءِ 14.3.1988 ۾ ٿرپارڪر جا گورنمينٽ پليڊر مقرر ٿيا
  • 27.4.1995 کان هاءِ ڪورٽ ۾ جَج طور مقرري تائين پاڻ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جي پينل تي رهيا
  • 5.11.1995 کان 11.11.1996 تائين پاڻ پاڪستان جا ڊپٽي اٽارني جنرل رهيا
  • 1972 ۾ پاڻ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسئيشن ٿرپارڪر جا جوائنٽ سيڪريٽري رهيا
  • 1981 ۾ پاڻ ضلعي بار ايسوسئيشن ٿرپارڪر جا جنرل سيڪريٽري رهيا
  • ڪيترن ئي سالن تائين ضلعي بار ايسوسئيشن ٿرپارڪر جي ايگزيڪيوٽِو ڪاميٽي جا نمائندا رهيا
  • 1975 کان 1981 تائين پاڻ ڊسٽرڪٽ ڪلچرل ايسوسئيشن جي مينِجنگ ڪاميٽيءَ جا نمائندا رهيا
  • 1976 کان 1981 تائين ٽيوبرڪلوسس ايسوسئيشن جي ايگزيڪيوٽِو ڪاميٽيءَ جا نمائندا پڻ رهيا
  • 1995 کان هاءِ ڪورٽ جي جَج طور مقرري تائين. پاڻ سنڌ بار ڪائونسل جا نمائندا رهيا
  • سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جَج طور مقرريءَ تائين پاڻ سنڌ بار ڪائونسل جي بلڊنگ ڪاميٽيءَ جا نمائندا پڻ رهيا
  • سنڌ بار ڪائونسل جي امتحان جي ڪاميٽيءَ جا نمائندا رهيا
  • 27.10.1997 تي پاڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جَج طور مقرر ٿيا
  • 24.4.1998 ۾ پاڻ مهراڻ يونيورسٽيءَ آف انجنئيرنگ ۽ ٽيڪنالاجي ڄامشورو سنڌ جي سينڊيڪيٽ جا نمائندا ٿيا
  • 04.05.1999 تي پاڻ انڊس ويلي اسڪول آف آرٽ اينڊ آرڪيٽيڪچر جي بورڊ آف گورنرس جا نمائندا پڻ رهيا
  • 19.06.2000 کان 26.04.2002 تائين پاڻ سنڌ ججي صوبائي چونڊ اٽارني جا صدر رهيا
  • 02.03.2001 کان 19.03.2001 تائين پاڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ جا ايڪٽنگ چيف جسٽس رهيا
  • 25.07.2002 کان 02.06.2002 تائين پاڻ هڪ دفعو ٻيهر سنڌ هاءِ ڪورٽ جا ايڪٽنگ چيف جسٽس رهيا
  • قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي چونڊن اندر رٽرننگ آفيسرز جي خلاف ڊسپوز ٿيل اپيلن ۾ پاڻ 2002 جَج اليڪشن ٽربيونل رهيا
ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪيائون
صوبائي ڪانفرنس برائي عدليه صوبا سنڌ ڪراچي 2002ع ۾
اطلاعات / اعلان

وڌيڪ پڙهو ۔۔

فوري دستياب