محترم جسٽس محمد اشرف لغاري
پاڻ 07 مارچ 1941ع ۾ ڳوٺ ماڻڪ لغاري، تعلقو ماتلي، جيڪو پهريان ضلعي حيدرآباد اندر هو پر هاڻ ضلعي بدين جو حصو آهي اتي پيدا ٿيا. پاڻ 1959ع ۾ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان ميٽريڪيوليٽ ڪيائون. 1964ع ۾ پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪيائون گورنمينٽ سِٽي ڪاليج حيدرآباد جي واسطي سان. پاڻ 1967ع ۾ گورنمينٽ سنڌ لاءَ ڪاليج حيدرآباد مان ايل.ايل.بي ڪيائون 1968ع ۾ پاڻ قانوني پيشي اندر آيا ۽ 28 سيپٽمبر 1968 تي پاڻ ماتحت عدالت جا وڪيل مقرر ٿيا. 10 جنوري 1965 تي پاڻ عدالتِ اعليٰ جا وڪيل مقرر ٿيا. 23 مئي 1992 تي پاڻ وڪيل عددالتِ عظميٰ مقرر ٿيا. 1973 ۾ پاڻ ضلعي بار جي انجمن حيدرآباد جا ڳڏيل سيڪريٽري مقرر ٿيا. پاڻ 1991 کان اعزازي طور ڪم ڪيائون. گورنمينٽ سنڌ لاءَ ڪاليج حيدرآباد ۾ اعزازي استاد طور پڙهائڻ شروع ڪيائون. 29 مارچ 1997 ۾ پاڻ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن حيدرآباد جا صدر چونڊيا ويا. پاڻ سنڌ گورنمينٽ جي آيڊووڪيٽ جنرل طور ڪيترا ئي مقدما رياست لاءِ وڙهيائون. 20 اپريل 1999 تي پاڻ عدالتِ اعليٰ جي جَج طور ترقي ماڻيائون. 09 فيبروري 2002 تي پاڻ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جا نمائندا مقرر ڪيا ويا. |