سنڌ هاءِ ڪورٽ (سنڌي بيٽا ورزن): هن ويب سائيٽ کي بهتر ڪرڻ لاءِ پنهنجي مثبت تجويزن سان اسان جي رهنمائي ۽ حوصلا افزائي ڪندا [email protected]



معزز جَج

Justice_Junaid_Ghaffar

محترم جَج محمد جنيد غفار

نالو:
محترم محمد جنيد غفار
تعليمي قابليت:
  • ميٽرڪ جو امتحان سال 1979 ۾ لٽل فوڪس سيڪينڊري اسڪول ڪراچي کان پاس ڪيو ۽ هائر اسڪول (ايچ ايس سي) پري انجنيئرنگ ۾ گورنميٽ ڪاليج ڪراچي کان 1982 ۾. ان کان بعد اين اي ڊي يونيورسٽي آف انجنيئرنگ پروگرام ۾ داخلا ورتو. يونيورسٽي ۾ هڪ سال گزارڻ کان پوءِ اليڪٽريڪل انجنيئرنگ جي مضمون ۾ گهٽ دلچسپي جي بنياد تي ڇڏي ڏنائون.
  • ڪامرس گريجوئيشن جو امتحان سال 1986 ۾ گورنمينٽ پريميئر ڪاليج (شام جي پروگرام) کان پاس ڪيائون. بي ڪام ڪرڻ کان پوءِ ايس ايم لاءِ ڪاليج ۾ داخلا ورتائون ۽ ايل ايل بي جو امتحان سال 1990 ۾ فرسٽ ڪلاس سان سيڪينڊ پوزيشن ۾ ڪيائون
  • ابتدائي طور تي قانون جي مشق پاڻ شروع ڪيائون ۽ ان کان بعد ۾ مرچنٽ اينڊ ايسوسيئٽس ۾ شامل ٿيا ۽ بحيثيت ساٿي گڏ رهيا، سال 2003 کان مارچ 2013 تائين. مارچ 2013 ۾ پنهنجو آفيس شروع ڪيائون ۽ 31-08-2013 تي بحيثيت ايڊيشنل جَج سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ مقرر ٿيا
بطور وڪيل شامل ٿيا:
  • 2012 ۾ عدالت عظميٰ ۾ وڪيل مقرر ٿيا
  • 2000 ۾ عدالت عاليه ۾ وڪيل مقرر ٿيا
  • 1993 ۾ ماتحت عدالت ۾ وڪيل مقرر ٿيا
پيشه ورانا رڪنيت:
  • رڪن سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئشن
  • رڪن سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئشن
  • رڪن ڪراچي بار ايسوسيئشن
  • رڪن ڪراچي ٽَيڪس بار ايسوسيئشن
  • رڪن اداري تحفظ حقوق دانش پاڪستان (پپرا)
  • رڪن ميمن پيشه ورانا ادارا سال 2006-2007 ۾ اعزازي سيڪريٽري جي حيثيت سان ڪم ڪيائون ۽ بطور نائب صدر سال 2008-2009 ۾
پيشه ورانا تجربو:
  • پاڻ بنيادي طرح ٽيڪس جا ماهر وڪيل رهيا خاص طور تي ڪسٽمز، فيڊرل، ايڪسائز، سيلز ٽيڪس، سندس انڪم ٽيڪس جي گراڪن ۾ مقامي ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنيون شامل. پاڻ ٽيڪس جي حوالي سان ڪيترن ئي ديواني ۽ فوجداري مقدمن تي ڪم ڪيائون ۽ ملڪ جي اندر گهڻين عدالتَن ۾ سپريم ڪورٽ پاڪستان،سنڌ هاءِ ڪورٽ، ضلعي عدالتن، ڪسٽمز ٽريبونل، انڪم ٽيڪس ٽريبونل، اسپيشل جَج ڪسٽمز ۽ ٽيڪس ۾ پيش ٿيا
  • ٽريبونل ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سطع تي ڪيترائي فيصلا ڪسٽمز جي اهم مسئلن، فيڊرل ايڪسائز، سيلز ٽيڪس، انڪم ٽيڪس آئين، تشريع وغيره تي قانوني روزنامچه ۾ رپورٽ ڪيائون
  • پاڻ قانون جي مختلف گراهڪن کي مشورو ڏنائون ۽ نمائندگي ڪيائون، جن ۾ معاهدن، ڀاڙي جا جهيڙا، طاقت ۽ توانائي جي شعبن، بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (سي ڊي جي کي) ڪنٽونمنٽ جي متعلق مسئلا شامل آهن
  • پاڻ پاڪستان هوزري مينوفيڪچرز ايسوسيئشن جي نمائندگي ڪيائون ۽ مختلف مسئلن مثال طور مختلف سامان جي بل آف ليڊنگ، سامان بذريعه هوائي ۽ سامونڊي ۽ ان سان گڏ لاجسٽڪ ۽ شپنگ بل شامل آهن
  • پاڻ ٽيڪس جي معاملات ۾ تڪرار جي حل لاءِ / متبادل طريقن تي مشورا ڏنائون
  • پاڻ ڪليڪٽوريٽ آف ڪسٽمز اپريزمينٽ جي صلاحڪاري ڪميٽي جا رڪن رهيا
  • WCO جي طرفان ٿيل پاڪستان ورلڊ ڪسٽمز آرگنائيزيشن ويليوئيشن ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪيائون
  • سال 2004 کان 2006 تائين ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ڪميٽي جا نائب صدر رهيا
  • سال 2008 کان 2010 تائين ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي ٽيڪس ڪميٽي جا سينئير نائب صدر رهيا
  • پاڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جَج مقرري کان پهرين 2012 ۽ 2013 ۾ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي قانوني معاملن، اثاثن، مينيجمينٽ، اسپتال، ڪرايه دارن جي ڪميٽي جو سينئر نائب صدر رهيا
  • سال 2011 ۾ ڪراچي ٽيڪس بار ايسوسيئشن جي طرف کان منعقد ڪيل هڪ صوبائي ليوي جي بنياد تي خدمتن تي سيلز ٽيڪس تي سيمينار ۾ ضميمو پڙهيائون
  • پاڻ جائيداد جي ڪيترن معاملن تي دانشورانه مشورا ڏنائون جنهن ۾ ٽريد مارڪس، ڪاپي رائٽس ۽ ڊزائينرز ۽ ڪيترن پاڪستاني ۽ گهڻ قومي گراهڪن جي نمائندگي شامل آهي، پيشه ورانه جائيداد جي معاملن ٽريڊ رجسٽري ۽ اعليٰ عدالتن جي سامهون
  • 2010 ساليانو ميڊيا ڪانفرنس ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ دانشورانه جائيداد يعني ڪسٽمز ايڪٽ 1969 تي ضميمو پڙهيائون
  • 2006 کان 2008 تائين ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي دانشورانه جائيداد حقوق ڪميٽي جا نائب صدر رهيا
ڪانفرنس:
  • سارڪ لاءِ ڪانفرنس ڪراچي ۾ سال 1993 ۾ شرڪت ڪيائون
  • بينالاقوامي وڪلاءِ ڪانفرنس سئن فرانسسڪو (آمريڪا) ۾ سال 1993 ۾ شرڪت ڪيائون
  • سارڪ لاءِ ڪانفرنس ڪراچي ۾ سال 2004 ۾ شرڪت ڪيائون
  • اسلامڪ بينڪنگ ۽ اسلامڪ انشورنس (تقافل) تي ٿيل سيمينار ۾ 16.12.2006 ۾ شرڪت ڪيائون جيڪو گڏيل طور تي انسٽيوٽ آف ڪاسٽ ۽ مينجمينٽ اڪائونٽس ۽ ميمڻ پروفيشنل فورم جي طرفان رٿيل هيو
  • سڪوڪ تي منعقد ٿيل سيمينار ۾ تاريخ 27-03-2007 ۾ شرڪت ڪيائون جيڪو پروفيشنل اڪائونٽس فورم جي طرفان هيو
  • 05.05.2007 تي اي ٽو زيڊ انٽرپرينيورشپ تي رٿيل هڪ مڪمل ڏينهن جي ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪيائون جيڪو سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائزز اٿارٽي منظم ڪيو هيو
  • چوٽي جي ڪارڪردگي جي حڪمت عملي جي نمبر هڪ ٺاهڻ لاءِ ان موضوع تي هڪ مڪمل ڏينهن جي ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪئي جيڪو نٽ شيل فورم آسٽريليا جي مسٽر بريڊ ٽونيني منعقد ڪئي هئي
  • بتاريخ 09-03-2007 تي پروجيڪٽ مئنيجمينٽ تي منعقد ٿيل سيمينار ۾ شرڪت ڪيائون جيڪو انجنيئر (ريحِان الامبيا) مئنيجنگ ڊائِريڪٽَر (ايف ٽي سي) مئنيجنگ ڪمپني لميٽڊ ۽ ڊائِريڪٽَر فيصل آرائين، ڊائِريڪٽر پروجيڪٽس انسٽيٽيوٽ آف بزنس اينڊ ائڊمنسٽريشن (آئي بي اي) ڪراچي منعقد ڪيو هيو
  • 19.03.2007 تي پروگرامنگ تي ”توهان جي گهٽ توجه ڪاميابي ڏانهن“ ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪيائون جيڪو محترم روشي ڪمار پانڊيا انڊيا ۾ منعقد ڪيو هو
  • ذاتي ۽ ڪاروباري تاثير تي هڪ ورڪشاپ ۾ 24.03.2007 تي شرڪت ڪيائون جيڪو انڊيا کان ڊاڪٽر شليش ٺاڪر منعقد ڪيو هيو
  • بتاريخ 24.05.2007 تي پيشه ورانه ۽ قيادن کي للڪارڻ تي هڪ سيمينار ۾ شرڪت ڪيائون جيڪو سريلنڪا جي ڊاڪٽر اُپالي مهانا ريجنٽ پلازه ۾ منعقد ڪيو
  • انصاف جي انتظاميه کي مضبوط بنائڻ لاءِ ۽ سارڪ ملڪن جي مسئلن * قانون جي حڪمراني جي پاسداري تي بينالاقوامي سيمينار ۾ 2012 ۾ نيو دهلي ۾ شرڪت ڪيائون
  • سال 2012 ۾ بين الالقوامي سيمينار ۾ سارڪ ملڪن جي درميان جهگڙن جي متبادل لاءِ گڏيل فورم جي قيام تي ضميمون پڙهيائون
  • مئي 2013 ۾ هڪ تعليمي دوري تي سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئشن سان گڏ ترڪي جو دورو ڪيائون
اطلاعات / اعلان

وڌيڪ پڙهو ۔۔

فوري دستياب