محترم جسٽس رٽايرڊ گلزار احمد
نالو: |
---|
گلزار احمد |
والد جو نالو: |
وڪيل نور محمد (مرحوم) |
ڄم جي تاريخ: |
02.02.1957 ڪراچي، پاڪستان |
مذهب: |
اسلام |
قوميت: |
پاڪستاني |
تعليمي قابليت: |
بي.اَي. ايل.ايل.بي |
پيشاورانا تجربو: |
پاڻ پهريان عدالتِ اعليٰ جا وڪيل مقرر ٿيا بعد ۾ عدالتِ عظميٰ جا وڪيل مقرر ٿيا. سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئشن جا عزت مآب سيڪريٽري مقرر ڪيا ويا ڪراچيءَ ۾ 1999 کان 2000 تائين. پاڻ گهڻو ڪري ديوان سائيڊ تي وڪالت ڪيائون ۽ مختلف بين الاقوامي ۽ مقامي ڪمپنين، بينڪن ۽ مالي ادارن جا قانوني مشير پڻ رهيا. 27.08.2002 تي پاڻ ترقيءَ ڪري سنڌ هاءِ ڪورٽ جا جَج مقرر ٿيا. پاڻ بيسٽيڪ ۽ اين.اِي.ڊي يونيورسٽي آف اِنجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي بورڊ آف گورنرس جا نمائندا پڻ رهيا، ان کان علاوه سَر سيد يونيورسٽي آف انجينيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي، اقراءَ يونيورسٽي، احمد اِي.ايڇ، جعفر فائونڊيشن ۽ آغا خان يونيورسٽي ڪراچي، پاڪستان جا به بورڊ آف گورنرس رهيا. پاڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ڊولپمينٽ ڪاميٽي جا چيئرمين پڻ رهيا، آئي.ٽي. ڪاميٽي جا چيئرمين رهيا. پاڻ 2009 ۾ وينا، بون ۽ برلن جي يونائيٽڊ نيشنس جي آفيس ۾ هڪ تربيتي دورو ”پاڪستان جوڊيشل آفيشلس آن انٽرنيشنل ڪوآپريشن ان ٽيررسٽ ڪيسيز“ جي نالي سان ڪيو جيڪو ڊرگس ۽ ڪرائيم تي مشتمل هو. پاڻ هڪ گهرو تربيتي پروگرام ۾ شرڪت ڪيائون جيڪو ڪامن ويلٿ جوڊيشل ايجوڪيشن انسٽيٽيوٽ، ڪئنيڊا ،هاليفڪس، اوٽاوا، ٽورنٽو سان گڏجي ڪرايو هو، جيڪو جوڊيشل ايجوڪيٽرس لاءِ منعقد ڪيو ويو هو. پاڻ 14 فيبروري 2011 تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جا سينيئر ترين جَج مقرر ڪيا ويا |