سنڌ هاءِ ڪورٽ (سنڌي بيٽا ورزن): هن ويب سائيٽ کي بهتر ڪرڻ لاءِ پنهنجي مثبت تجويزن سان اسان جي رهنمائي ۽ حوصلا افزائي ڪندا [email protected]



معزز جَج

Justice_Farooq_Shah

محترم جسٽس سيد محمد فاروق شاه

نالو:
سيد محمد فاروق شاه
ڄم جي تاريخ:
پهرين آڪٽوبر 1955
تعليمي قابليت:
جامع ڪراچي مان ايم.اي، ايل.ايل.بي
بطور وڪيل مقرر ٿيا:
  • 23.11.1978 ۾ بطور وڪيل سنڌ بار ڪائونسل ماتحت عدالت ۾ مقرر ٿيا
  • 31.12.1980 ۾ بطور وڪيل عدالت عاليه مقرر ٿيا
عدالت سان تعلق رکندڙ تجربو:
  • 1984 ۾ بحيثيت سول جَج ۽ ايف سي ايم مقرر ٿي، 04.03.1984 بطور سول جج قلمدان سنڀاليو ۽ تحصيل گڙهي ياسين، ضلع شڪارپور، ضلع ٺٽو، ضلع جيڪب آباد، ضلع حيدرآباد ۽ ضلع ميرپورخاص ۾ تعينات رهيا.
  • بحيثيت سينئر سول جج ترقي کانپوءِ ضلع حيدرآباد ۽ جيڪب آباد تعينات رهيا. وڌيڪ 1995 ۾ بحيثيت ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج ترقي کانپوءِ ضلع ڏکڻ ڪراچي، تحصيل شهدادپور ۽ وري ضلع ڏکڻ ڪراچي ۾ تعينات رهيا.
ٻين امورن ۾ تجربو:
  • بحيثيت ڊپٽي سيڪريٽري (ايڊمن/ايف اينڊ اَي/اَوپنين) تعينات رهيا. جوائنٽ سيڪريٽري (ايڊمنسٽريشن/اوپنين) برائي لاءَ اينڊ جسٽس ڊويزن اسلام آباد رهيا
  • سيڪريٽري اٽارني جنرل آفيس اسلام آباد رهيا
  • سينئر ڪنسلٽنٽ لاءِ ڊويزن رهيا
بطور واپسي عدالت عاليه سنڌ:
  • بطور پروجيڪٽ ڊائريڪٽر (ايڪسِس ٽو جسٽس پروگرام) عدالت عاليه سنڌ ۾ تعينات رهيا. 14 جوڊيشل ڪمپليڪسز بشمول جوڊيشل ڪمپليڪسز ٽنڊو آدم ۽ سيهوڻ شريف مڪمل ڪيائون جنهن جو افتتاح عزت مآب معزز چيف جسٽس عدالت عظميٰ پاڪستان ڪيو.
  • سال 2009 ۾ بطور جوڊيشل ميمبر اپيليٽ ٽربيونل ان لينڊ ريونيو تعينات رهيا.
  • سال 2012 ۾ عدالت عاليه سنڌ جا جج مقرر ٿيا.
دوران سروس هيٺين قومي/بين الاقوامي تربيتي ورڪشاپ ۽ سيمينار ۾ شرڪت ڪيائون:
  • سال 1991-1992 ۾ عدالتي افسران جي تربيتي ڪورس ۾ پاڪستان جوڊيشل اڪيڊمي اسلام آباد ۾ شرڪت ڪيائون
  • 16-04-2001 کان 12-05-2001 تائين اسلام آباد ۾ بنيادي تعليم اليڪٽرانڪ دفتر پاڪستان ڪمپيوٽر بيورو ۾ شرڪت ڪيائون
  • بتاريخ 05.03.2001 کان 20.03.2001 تائين عدالت عظميٰ سنگاپور ۾ شرڪت ڪيائون
  • قانوني حڪمراني جي فروغ ۽ مجرمانه انصاف جي نظام کي مضبوط بنائڻ جي حوالي سان منعقد ٿيل بين الاقوامي تربيتي مراڪز سِيئول (ڏکڻ ڪوريا) ۾ بتاريخ 11 آڪٽوبر کان 30 آڪٽوبر 2001 تائين
  • ايشيا جي قوانين جي لاءِ انٽرنيٽ جي ترقي جي حوالي سان بتاريخ 9 ۽ 10 مئي 2002 ۾ منعقد ڪيل ٽريننگ ۾ COSMATS جي اداره انفارميشن ٽيڪنالاجي اسلام آباد ۾ شرڪت ڪيائون
  • 18 کان 22 مارچ 2002 تائين نيپا جي طرفان ڪراچي ۾ منعقد ڪمپيوٽرنيٽ ورڪنگ انٽرنيٽ فائروال ۽ پراڪسي تي رٿيل ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪيائون
  • بتاريخ 2 جولائي کان 20 جولائي 1995 تائين سنڌ جوڊيشل اڪيڊمي ڪراچي ۾ ADJs جي لاءِ عدالتي ڪورس ۾ شرڪت ڪيائون
  • سيپٽمبر 2008 ۾ ويانا، آسٽريا ۽ برلن جرمني ۾ منعقد ڪيل انسداد دهشت جي قانون تي ورڪشاپ شرڪت ڪيائون
  • 20.02.2009 کان 13.05.2009 تائين جوڊيشل اڪيڊمي ۾ منعقد ڪيل عدالتي آفيسرن جي لا منظم بنيادي ڪمپيوٽر واقفيت تربيتي ڪورس ۾ شرڪت ڪيائون
  • بتاريخ 20 ۽ 21 ڊسمبر 2010 جو سنڌ جوڊيشل اڪيڊمي ڪراچي ۾ ADR جي طريقه ڪار تي ڪورس ڪيائون
اطلاعات / اعلان

وڌيڪ پڙهو ۔۔

فوري دستياب