نالو: |
فيصل عرب |
والد جو نالو: |
محمد حسين عرب (مرحوم) |
ڄم جي تاريخ: |
25 نومبر 1955 |
تعليمي قابليت: |
پاڻ 1978 ۾ ڪامرس ۾ گريجوئيشن ڪيائون گورنمينٽ ڪاليج آف ڪامرس ۽ اڪانامڪس ڪراچي مان
1989 ۾ سنڌ مسلم لاءَ ڪاليج ڪراچي مان ايل.ايل.بي ڪيائون |
وڪيل طور مقرري: |
- 1990 ۾ ماتحت عدالت جا وڪيل مقرر ٿيا
- 1992 ۾ اعليٰ عدالت جا وڪيل مقرر ٿيا
- 2005 ۾ عدالتِ عظميٰ جا وڪيل مقرر ٿيا
|
قانوني پيشي جو تجربو: |
- قانون ۾ گريجوئيشن کانپوءِ فيبروري 1989 کان جنوري 1990 تائين پاڻ فخرالدين جي ابراهيم ۽ ڪمپني ۾ شاگردي ڪيائون
- فيبروري 1990 کان سيپٽمبر 1990 تائين پاڻ ”سُرج ۽ بيچنو“ قانوني فَرم جيڪا ليبر لاءَ جا مقدما ڊيل ڪندي هئي ان ۾ وڪيل طور ڪم ڪيائون
- آڪٽوبر 1990 کان 2000 تائين پاڻ فخرالدين جي ابراهيم ۽ ڪمپني ۾ معاون وڪيل طور ڪم ڪيائون
- نومبر 2000 کان آڪٽوبر 2005 تائين پاڻ هڪ قانوني فَرم تشڪيل ڏنائون جنهن جو نالو فيصل عرب ۽ ايسوسئيٽس رکيائون
- آڪٽوبر 2004 کان آڪٽوبر 2005 تائين پاڪستان فيڊريشن جي اندر اسٽينڊنگ ڪائونسل جي طور تي ڪم ڪيائون ۽ ترقيءَ ڏئي سنڌ هاءِ ڪورٽ جا جَج مقرر ڪيا ويا
- 25 آڪٽوبر 2005 تي پاڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ايڊيشنل جَج طور حلف کنيائون
- 25 آڪٽوبر 2006 تي پاڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ جا مستقل جَج مقرر ٿيا
|
صوبا سنڌ ۾ چيف جسٽس طور مقرري |
- 17 فيبروري 2015 تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جا چيف جسٽس مقرر ٿيا
|
سپريم ڪورٽ آف پاڪستان اندر جَج طور ترقي |
- 14 ڊسمبر 2015 تي پاڻ سپريم ڪورٽ جي جَج طور حلف کنيائون
|