سيد ديدار حسين شاه 11.12.1939ع ۾ ڳوٺ ڳڙهي غلام حيدر قادري لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيا. پاڻ 1962ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان بي.اي ڪيائون ۽ 1965ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان قانون جي ڊگري حاصل ڪيائون. پاڻ 22 آگسٽ 1967ع ماتحت عدالت اولهه پاڪستان بار ڪائونسل جا وڪيل مقرر ٿيا ۽ 23 آگسٽ 1974ع ۾ عدالت اعليٰ جا وڪيل مقرر ٿيا. جنهن کان پوءِ پاڻ هڪ چُست/سرگرم پيشه ور وڪيل رهيا. پاڻ 1979ع ۾ ضلعي ڪائونسل جا رُڪن چونڊيا ويا. جتي هو 1979ع کان 1983 تائين ضلعي ڪائونسل جا رُڪن رهيا. پاڻ ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي ۽ سَب ڪاميٽي ورڪس جا صدر چونڊيا ويا جتي هنن 1979ع کان 1983ع تائين ڪم ڪيو. 1979ع ۾ پاڻ بِلا مقابله صدر تعلقه ڪائونسل رتوديرو چونڊيا ويا جتي پاڻ 1979ع کان 1983ع تائين ڪم ڪيائون ۽ پاڻ ٻيهر 1987ع ۾ ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي جا نمائندا چونڊيا ويا جتي پاڻ 1987ع کان 1991ع تائين ڪم ڪيائون
پاڻ سنڌ زرعي يونيورسٽي جي انتظامي ڪميٽي جا نمائندا رهيا. پاڻ 30.11.1988 کان 06.08.1990 تائين صوبائي اسيمبلي جا نمائندا چونڊيا ويا ۽ ٻيهر 04.11.1990 کان 17.07.1993 تائين پڻ صوبائي اسيمبلي جا رُڪن پڻ رهيا.پاڻ 06.06.1994 تي هاءِ ڪورٽ جي ايڊيشنل جَج مقرر ٿيا، اڳتي هلي پاڻ هاءِ ڪورٽ جا مستقل جَج مقرر ٿيا. جڏهن کان پاڻ ايڊيشنل جَج طور مقرر ٿيا هئا. 04.02.2000 تي پاڻ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ مقرر ٿيا