محترم جسٽس انور ظهير جمالي
والد جو نالو: شوڪت علي جمالي سندن تعلق حضرت قطب جمال الدين احمد حَنسوي (تقريباً 583 کان 659 هجري تائين) جي اعليٰ ۽ مذهبي گهراڻي سان آهي. جيڪي بابا فريدالدين شڪر گنج پاڪپتن وارن جا شاگرد ۽ خليفا هئا. جن جو تعلق چشتيا نسل جي صوفي خاندان سان هو. 1947ع ۾ سنون والدين جئي پور هندستان مان حجرت فرمائي. پاڻ 31 ڊسمبر 1951ع ۾ حيدرآباد (سنڌ) ۾ پيدا ٿيا. پاڻ 1971ع ۽ 1973ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان واپار ۽ قانون ۾ بيچلر ڊگريون حاصل ڪيائون. 10.01.1975 ۾ ماتحت عدالت جا وڪيل مقرر ٿيا. 13.11.1977 ۾ هاءِ ڪورٽ جا وڪيل مقرر ٿيا. 14.05.1987 ۾ عدالتِ عطميٰ جا وڪيل مقرر ٿيا. مئي 1998ع ۾ عدالت اعليٰ ۾ جَج طور ترقي ٿيڻ کان اڳ پاڻ حيدرآباد (سنڌ) ۾ آئيني ۽ ديوان قانون تي ڪافي ڪم ڪيائون. 1984ع ۾ حيدرآباد (سنڌ) لاءَ ڪاليج ۾ ليڪچرار طور مقرر ٿيا. جتي هنن ٻن سالن تائين خدمتون سرانجام ڏنائون، ڏهن سالن تائين ڪائونسل جي طور يو.بي.ايل بينڪ سان گڏ ڪم ڪيائون ۽ ڏهن سالن کان وڌيڪ عرصي تائين ”ڪيٿولڪ بورڊ آف ايجوڪيشن اينڊ سينٽ بونيويچر هاءِ اسڪول حيدرآباد“ جا قانوني مشير رهيا. پاڻ 1983ع کان 1984ع تائين، 1995 کان 1996 تائين، 1997ع کان 1998ع تائين ضلعي بار انجمن جا صدر چونڊا رهيا. پاڻ سنڌ بار ڪائونسل حيدرآباد ڊويزن جي پنجن پنجن سالان واري عرصي/مُدي ۾ 1989 ۽ 1994 وارن مدن ۾ سنڌ بار ڪائونسل حيدرآباد جا رُڪن رهيا. پاڻ 1994ع ۾ سنڌ بار ڪائونسل جي بينويلينٽ ڪاميٽيءَ جا چيئرمين چونڊيا ويا. 1995ع ۾ سنڌ بار ڪائونسل جي ايڪزيڪيوٽِو ڪاميٽيءَ جا چيئرمين چونڊيا ويا جتي هو عدالت اعليٰ ۾ جَج طور مقرر ٿيڻ تائين رهيا ۽ سنڌ بار ڪائونسل جون تشڪيل ڏنل ڪيترن ئي ننڍن ڪميٽيز جا رُڪن پڻ رهيا ۽ پڻ ٻين سوشل جڳهين تي آفيسر به رهيا. پاڻ حيدرآباد ۾ تعليمي ۽ انساني حقن واري اداري ۾ اعزازي طور سان قانوني ڪم پڻ ڪيو. 1995ع ۾ پاڻ بورڊ آف گورنرس فار گورنمينٽ لاءَ ڪاليجز آف سنڌ (ڪراچي کان علاوه) جا سنڌ جي گورنر طرفان رُڪن چونڊيا ويا. 1999ع ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي طرفان اين.اِي.ڊي يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي ۽ انجنيئرنگ جي انتظامي ڪميٽي جا رُڪن پڻ چونڊيا ويا. مارچ 2000ع ۾ پاڻ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جي طرفان سنڌ بار ڪائونسل جا چيئرمين انرولمينٽ ڪاميٽي مقرر ڪيا ويا. ڊسمبر 2003ع ۾ سنڌ جي گورنر جي طرفان پاڻ چيئرمين ضلعي زڪوات ڪائونسل آف سنڌ، 3 سالن لاءِ مقرر ڪيا ويا. پاڻ 07.06.2006 کان 03.11.2007 تائين ايڊمنسٽريٽِو جَج سنڌ هاءِ ڪورٽ رهيا. پاڻ ضلعي آئيني حڪم نمبر 01 2007 تي حلف کڻڻ کان انڪار ڪيائون ۽ بعد ۾ 27.08.2008 تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جا ٻيهر جَج ۽ چيف جسٽس مقرر ٿيا. |