سنڌ هاءِ ڪورٽ (سنڌي بيٽا ورزن): هن ويب سائيٽ کي بهتر ڪرڻ لاءِ پنهنجي مثبت تجويزن سان اسان جي رهنمائي ۽ حوصلا افزائي ڪندا [email protected]



معزز جَج

Justice_Ahmed_Sarwana

محترم جسٽس سيد احمد سروانا

پاڻ دهلي ۾ پيدا ٿيا ۽ تعليم گورنمينٽ ڪاليج لاهور ۽ ڪراچيءَ جي سنڌ مسلم ڪاليج مان حاصل ڪيائون. 1961 ۾ بي.اي. پاس ڪيائون ۽ 1963 ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ايل.ايل.بي ڪيائون بعد ۾ 1967 ۾ ايل.ايل.ايم جي ڊگري يونيورسٽي آف پينسلوينيا مان ڪيائون. سندن ٿيسِس جو مضمون ”پرنسپل آف بائونڊري ميڪنگ اِن انٽرنيشنل لاءَ هو ۽ 1962 ۾ فرانس اندر بين انٽرنيشنل لاءَ سکڻ لاءَ ”فرينچ گورنمينٽ اسڪالرشپ“ اوارڊ ڪئي وئي. 1964 ۾ يَيل لاءَ اسڪول جي فيلوشپ ملي جن ۾ صرف اونهاري جي اسڪول ۾ شرڪت ڪئي. 1964-1965 يونيورسٽي آف پينسلوينيا ۾ لاءَ اسڪول گريجوئيٽ فيلوشپ ملي.

1964 کان 1967 تائين امريڪا جي طرفان ”يو.ايس.فُل برائيٽ اسڪالر“ لاءِ چونڊ جي ويا. آڪٽوبر 1970 ۾ ”هيگ اڪيڊمي آف انٽرنيشنل لاءَ“ جو ٻاهريون سيمينار جيڪو تهران، ايران ۾ ٿيو جنهن جو متن ”آئل ۽ گيس لاءَ ۽ فارين انويسٽيمينٽ“ هو. ان ۾ پڻ شرڪت ڪيائون ۽ جولاءِ 1989 ۾ سالزبرگ سيمينار ۾ ”اميريڪن لاءَ ۽ ليگل انسٽيٽوشنز“ جي مضمون واري تقريب ۾ شرڪت ڪيائون جيڪا محترم جسٽس ايڇ.بليڪ مين (يو.ايس سپريم ڪورٽ)، مِس پيٽريشيا.ايف.والڊ (چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف اپيل فار دي ڊسٽرڪٽ آف ڪولمبيا سرڪٽ)، پروفيسر. جَي.وورن برگ ۽ رين هارورڊ لاءَ اسڪول جي طرفان پڙهائي وئي

پاڻ 1965 ۾ آگسٽ ۽ سيپٽمبر جي مهيني ۾ نيويارڪ امريڪا اندر گڏيل قومن جي قانوني اداري ۾ طالب/شاگرد/اِنٽرني طور ڪم ڪيائون.

نومبر 1965 کان فيبروري 1966 تائين اميرڪا جي قانوني اداري ۾ ”رسرچ اسسٽنٽ“ رهيا، مارچ 1966 کان جون 1967 تائين پاڻ ”مورگن ليوس“ ۽ ”بوڪيس فلاڊل فيا“ سان گڏ ريسرچ ايسوسيئٽ رهيا.

1963 ۾ مشرقي پاڪستان/اُوڀر پاڪستان جي هاءِ ڪورٽ جي ڪراچي بينچ ۾ وڪيل طور ڪم شروع ڪيائون. 1973 ۾ عدالتِ عظميٰ پاڪستان جا وڪيل مقرر ٿيا. 1994 ۾ سينيئر وڪيل جو اعزاز ماڻيائون. 1974 کان 1975 تائين ايگزيڪيوٽِو ڪاميٽيءَ جا نمائندا چونڊيا ويا. 1986 کان 1987 تائين سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسئيشن ڪراچيءَ جا نائب صدر رهيا. 1993 کان 1995 تائين سپريم ڪورٽ بار ايسوسئيشن جا صدر رهيا. 1979 کان 1997 تائين ”پاڪستان انٽليڪچوئل پراپرٽي رائيٽس ايسوسئيشن“ جا چيئرمين پڻ رهيا.

پاڻ آڪٽوبر 1968 کان آڪٽوبر 1975 تائين گڏيل ساٿي ڀرپاسي واري فيڪلٽي ميمبر طور بين الاقوامي قانون، تعلقن جو قانون، مال جي وڪري، ڀائيواري، ٽارٽس، اسلام جون حرون ۽مسلمانن جو ذاتي قانون ٻين اڳيان، اهي مضمون اسلاميا لاءَ ڪاليج اندر پڙهايا، اهي سڀ مضمون مارچ 1982 کان آڪٽوبر 1997 تائين ايس ايم لاءَ ڪاليج ۾ به پڙهايائون

مئي 1975 کان آڪٽوبر 1975 تائين اسلاميا لاءَ ڪاليج وقتي جا پرنسپال رهيا. آڪٽوبر 1978 کان جنوري 1979 تائين ڪراچي يونيورسٽيءَ جي انٽرنيسنل رليشنز واري اداري ۾ وقتي پروفيسر طور بين الاقوامي قانون پڙهايائون

جولاءَ 1991 جينيوا ۾ ”ورلڊ انٽليڪچوئل پراپرٽي آرگنائيزيشن“ طرفان ترتيب ڏنل هڪ مذاڪري/علمي مجلس نالي ”انٽليڪچوئل پراپرٽي لاءَ سيمينار، ڪولمبو“ جا نمائندا پڻ رهيا.

پاڻ هڪَ ڊائجسٽ جيڪو ڪمرشل لاءَ آن ورلڊ جي موضوع تي هو ۽ اوشيانه پنليڪيشنز نيويارڪ شايع ڪيو جنهن ۾ هڪ باب ”ڪمرشل لاءَ آف پاڪستان“ ۽ ”پيٽينٽ ۽ ٽريڊ مارڪ لاءَ آف پاڪستان“ تي لکيائون ۽ هڪ باب پاڪستان لاءَ آف اريسٽنگ آف شپز“ تي به لکيائون جيڪو لايڊ آف لنڊن پريس لنڊن شايع ڪيو

پاڻ ”ايڪسپرٽ سسٽم“ تي سافٽ ويئر پروگرام ۾ پاڪستان جي قانون جو باب لکيائون. جيڪو بين الاقوامي تعلقن جو گڏيل سافت ويئر هو. خاص پاڪستان لاءِ هيل ۽ ڊور، بوسٽن اميرڪا وارن تيار ڪيو

پاڻ ”بٽرورٿس جنرل آف انٽرنيشنل بينڪنگ اينڊ فائننشل لاءَ جيڪو بٽرورٿس، لنڊن پبلش ڪيو، تنهن جو حصو پڻ رهيا. پاڻ ”بروڪ نوٽري جي ڏهين ايڊيشن“، ”سويٽ اينڊ ميڪس ويل لنڊن“، ”اريسٽنگ آف شپس – پاڪستان لاءَ“ جيڪو لايڊ آف لنڊن پريس لنڊن شايع ڪيو انهن جا حصي دار پڻ رهيا.

پاڻ هڪ مضمون، نالي ”اڪانامڪ ڪانسيڊريشن ان بائونڊري ميڪنگ، پاڪستان هاريزون، حصو P – 22،213، 1999 ۾ لکيو. 1975 کان 1980 تائين پاڻ ”پاڪستان اسٽيٽيوٽ آف انٽرنيشنل افيئرز“ جي ايگزيڪيوٽِو ڪاميٽيءَ جا نمائندا رهيا. پاڻ 1973، 1976، 1978، 1982 ۽ 1986 ۾ پاڪستان اميريڪن ڪلچرل سيٽد جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جا چيئرمين پڻ رهيا. پاڻ ڪيترن ئي بين الاقوامي عدليه / قانوني تقريبن اندر شرڪت ڪيائون جيئن جولاءَ 1967 جينيوا ۾ ”ورلڊپِيس ٿُرو لاءَ ڪانفرنس“، سارڪ لاءَ ڪانفرنس ڪراچي، 1993، 1997، 2001 ۾ کٽمنڊو ۾، 2002 ۾ جيءَ پور ۾ ايشيا لاءَ ڪانفرنس ڪولمبو 1993 ۾، پاڪستان جورسٽس ڪانفرنس (1973، 1975، 1977، 1986) ۽ بين الاقوامي قانوني ڪانفرنس واشنگٽن ڊي،سي ۾ 1984 ۾. پاڻ آئيني ۽ ديواني معاملن تي سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ اندر 34 سالن تائين وڪالت ڪيائون خاص طور ايڊمرلٽي، بينڪنگ، انشوئرنس، شپنگ، فارين انويسٽمينٽ، ليبر، پيٽينٽ اينڊ ٽريڊ مارڪس، ٽيڪس اينڊ سوشل سِڪيورٽي لاءَ وغيره تي، 18.10.97 تي هاءِ ڪورٽ جي بينچ اندر ترقي ماڻي، 26 مئي 1996 تي رُول ڪاميٽي هاءِ ڪورٽ آف سنڌ جا نمائندا مقرر ٿيا. 21 فيبروري 2000 تي اسٽيئرنگ ڪاميٽي جا صدر مقرر ٿيا، 13.06.98 کان ڪاليج آف بزنس مينجمينٽ جي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽيءَ جا گڏيل نمائندا مقرر ٿيا. 21.06.2000 کان ”انسٽٽيوٽ آف بزنسايڊمنسٽريشن“ جي بورڊ آف ڊائريڪٽر جا چيئرمين پڻ رهيا.

اطلاعات / اعلان

وڌيڪ پڙهو ۔۔

فوري دستياب